Tuesday, May 21, 2013

سکي




محمد جان زريناڻي

واه وطن سنڌ جو



سنڌ سموري سون ، سونو مَن سنڌ جو
سائين جي ايم سيد هو سچو سَن سنڌ جو
جبل ، سمنڊ ، واري جا دَڙا ،سر سبز ٻنيون
خدا قسم خوبصورت آهي توانو تَن سنڌ جو
سنڌو البيلو، ڪينجهر منڇر هڪ هڪ ٻيلو
ڇا لکي ، ڇالکَي محمد جان هي جوڀن سنڌ جو
سردي ، گرمي ، سَرو ۽ بهار سدا سنڌ ۾
هر طرف جي هوا هلي ٿي واه وطن سنڌ جو



محمد جان زريناڻي

اڄ جي ڪو بادل برسي پئي



اڄ جي ڪو بادل برسي وئي
هڪڙي ڪڪري مٿان ترسي پئي
تتي ڏينهن ۾ پيا کيڙي ۾ کامون
من رات  ڪا ماڪ سرسي پئي
اڄ جي ڪو بادل برسي پئي



محمد جان زريناڻي

ڪيل بيوفائي


تنهنجي جدائي کانپوءِ
ڪيل بيوفائي کانپوءِ


مان امير تان نـه  ٿيس ۽ نه  ڪو ٿيس غريب
۽ نـه درويش يا فقير ، آهي نـه ڳاله عجيب


پر ها جيڪو بي ڊائيري ۾ لکيو اٿم
سڀ ڪجھ تنهنجي سورن مان سکيو اٿم
ڇا اڃان بي توکي سولي سنڌي
۾ سمجھايان


پوءِ اي پرين ٻڌ “ مان بي هاڻي شاعر آهيان




محمد جان لنڊ
۲۴.۷.2007


محمد جان زريناڻي

عشق



لڳا نيهن نال نيلم دي ، پئي ياد ول ول آويءِ
ياد يار جاني دي ، گھن ڀي دردان دي ڇل آويءِ
دل جان جگر وچون ڪر سيني ڪون ڀي سل آويءِ
سڪ سهڻي يار دي ، تن من ڪون ڀي تل آويءِ
جان روز مران ، روز جيوان من محبوب گھڙي پل آويءِ

شاعر+ محمد جان لنڊ تاريخ __ ۸_ ۹  _ 2008


محمد جان زريناڻي

مشهور ڪرڻ واري ذات آهين تون



مون لاءِ ڪل ڪائنات آهين تون
منهنجي پوري حيات آهين تون

ڪا ويل تون وسرڻ واري ناهين
ياد ڏينهن ۽ رات آهين تون

سڄي زندگي مون لاءِ رات ڪاري
پره ڦٽي پرڀات آهين تون

مور محفلن ۾ پچر پنهنجي آ
مشهور ڪرڻ واري ذات آهين تون

ڪئين وساريان توکي ڪنهن مهل
وائي سدائين وات آهين تون

مون کي تنهنجو مٺو آواز موهي ٿو
سهڻن سرن جي سوغات آهين تون

محمد جان مان رڳو جان آهيان
خواهش ، خوشيون ، جذبات آهين تون



محمد جان زريناڻي

هيل جي ڊائيري





صنم سڏي چيو سڄي شاعري مونتي لکجانءِ
گزريل گھڙيون وسار کڻي نئين ڊائيري مونتي لکجانءِ

منهنجي حسن تي لک ، ادا تي لک ، شباب تي لکجانءِ
منهنجي ڇڪ تي لک ، سڪ تي لک ، شراب تي لکجانءِ

لکجانءِ تـ جواني جا وڻ اڀري پيا اٿس
لکجانءِ تـ باغ بدن جا گل نکري پيا اٿس

لکجانءِ تـ مونکي آرس هاڻ روز ايندي آ
لکجانءِ تـ ڪا اڻ ڄاتل خوشي محسوس ٿيندي آ

لک تـ منهنجي اکين کي ڪري مشهور لک
لک تـ منهنجي بدن جي خوشبوءِ کي ڀرپور لک

گھٽ ۾ گھٽ هيل جي ڊائيري مونتي لکجانءِ

محمد جان زريناڻي

Monday, May 20, 2013

ڊائيري


ورق ڊائيري جا
رنگ شاعري جا

قلم سان راند
عشق ڪيو قابو پلاند

روز جي اڻ تڻ
ماڻهن ۾ ڀڻ ڀڻ

هي بـ ويو ڪم کان
کاڌائين چوٽ غم کان

محبوب بـ ڪري انڪار ويئس
ڏيندو نـ قرب اقرار ويئس

کاڌو اٿس دوکو
هاڻي جيئڻ نـ هوندس سوکو

جئيي تان ڀلي جئيي
ڏسون هاڻ ڪنهن جو ٿو ٿئي

جواني جان وڃائي ويٺو
ڪوڙو قرب ڪمائي ويٺو

ڇا لکي ڇا لکان
سوچان ويٺو سنگت کان سکان

دل تـ اڃان ٻار آهي
رهندي بِـ هاڻ غمسار آهي

پڙهي ڏس جملا
لکيل محمد جان جا

خبر ويندي پئجي
جيڪي فسانا ٿيا ارمان جا



شاعر
محمد جان زريناڻي

تاريخ
25.10.2007


محمد جان زريناڻي

اردو شاعري

ٹوٹی پہوٹی شاعری میں
لکھ دیا میں نے ڈائری میں

کہانی ساری اپنے یار کی
ہر بات جو ہے دیدار کی

حسینون میں وہ حسین ہے
کو‏ئی ماہ لقا ماہ جبین ہے

کیا بات لکہون ان کے بالون کی
اس لیے فرصت چاہے سالون کی

چل کر جو چومون ان کی پیشانی
راحت ملتی ہے مجہے روحانی

چہرا ان کا چاند کی طرح چمکتا ہے
ہر دلدار کی دل میں دمکتا ہے

ہونٹ ہیں ان کے گلابی
چما یار کا کوثر شرابی

بدن یار کا بہار جیسا
ہر بہار کی نکہار جیسا

سینا ان جیسا کوئی سینا نہین
شاید بارہ ماہ میں ائیسا کوئی مہینا نہین

ہاتھ چومون یا چومون پیر
خدا کرے ان کی خیر

گلے میں وہ باہیں ڈال کے
کہتی ہے سوچ سنبہال کے

کتنا مجہے پیار کرتے ہو
جی نہین سکتے باقی میرے مرتے ہو

لکہو لکہو میری یاد لکہو
اپنے آپ کو برباد لکہو

ٹوٹ گیا حوصلا اس ‏غریب کا
یہان بس نہین چلتا کسے کے نصیب کا

جان تیری کیا مجال ہے
مر جائو گے میرا خیال ہے

پتا چلا تو قبر پہ آئون گی
اپنے قدمون کی دہول لائونگی

تیرا بدن بیقرار ہوگا
بس یہ آخری پیار ہوگا

میں نے کہا جی مہربانی
اب اگلے جہان میں ہوگی نادانی

صورت فاتھ پڑہ کر دور جانا
مجہے کر کے ہور مجبور جانا

میری آخری خواہش کا خیال کرنا
بس اپنے آپ سنبہال کرنا

اب جائو تم تمہین کام ہوگا
میرے لیے اب آیا جام ہوگا

دن قیامت کے بہی تجہے سلام ہوگا
یہ عاشق یہان وہان بدنام ہوگا

کئیسے لکہون یہ کہانی پوری
ابہی تو ہے ہر بات ادہوری

جان انتظار کرنا جان کا
میرے پیار اور میرے مان کا





شاعر
محمد جان لنڈ


محمد جان زريناڻي

ڪهڙا توڏي ڪاڳر لکان



ڪهڙا توڏي ڪاڳر لکان
سور نه منهنجا سنهنجا سلن
خطن ۾ مان جيءِ جياريان
لفظ مرڪن ، جملا جيئن


محمد جان زريناڻي

شاعري



چپن جو چنگ چاتم ، ڪو ڏکارو گيت ڳاتم
ماڻهون سڀ مڙي آيا ، پر سوز نا ڪنهن سڃاتم
سڪي سڪي جو سڄڻ مليو ، ڇڪي تنهنکي ڇاتي لاتم
ڪپه جهڙي ڪولي بدن ۾ ، بره سندي ات باه پاتم
جان سان جاني جو مليو ، ساه سکيو سالن کان ڀاتم

2.9.2000
شاعر
محمد جان لنڊ زريناڻي بلوچ


محمد جان زريناڻي

شاعري


اٿ ميڙ ٺڪريون دل اسان جي ٽٽي پئي آ
عشق ڪندي ڪندي حياتي ئي کٽي پئي آ

جت خون جو بدلو بي خون آهي
انهي جھان کان جند ڇٽي پئي آ

متان دانهن ڏي ميئت ماڻهن کي
مرڻ کانپوءِ بي نڙي هن جي گھٽي پئي آ


پوسٽ مارٽم کانپوءِ پئي خبر
دلنواز جي دل چپي چپي چٽي پئي آ


جان جنازي تي جاني نـ آيو
لڳي ٿو سنگت اڃان رٺي پئي آ


9.9.2000


محمد جان زريناڻي

شاعري



ڇو منهنجو عزم ڪنهنجي ڪمال سان ڀيٽيو
منهنجي ابتدا کي ظالم زوال سان ڀيٽيو
پير پير کڻي مون اڃان هلڻ مس سکيو
ٿيندو وڏو ماڻهون پنهنجي خيال سان بيٽيو
ڪتاب کڻي مان مڪتب ڏي جو ويئس
هي مستقبل آ ڪنهن چيو حال سان ڀيٽيو
قرب گھڻي سان مان جو ڪاليج پهتس
سياست جو سورمون آ چال سان ڀايٽيو
شوق مان قلم کڻي شاعر ٿيس محمد جان
هن جو جيئڻ مشقل آ محال سان ڀيٽيو
شاعر
محمد جان زريناڻي دلشاداڻي 20.5.2000


محمد جان زريناڻي

شاعري



تون جام تي جام ٿو پاڻ پيارين ،،
هٿ ڪلهي تي چاهت چپن ۾ قرب ساڻ پيارين ،،
وفا جو جي نٿو واعدو ڪرين ،،
تون جي ڇڏي ويندين پوءِ ڇو ۽ ڇاڪاڻ پيارين ،،
نفرت جا تو ڏنا هن تحفه مونکي گهڻا ،،
ڪالهـ وساري اڄ ٿو محبت جا ماڻ پيارين ،،
ايترو نشو ڪٿي مونکي نهوڙي نـ وجھي ،،
سوچ سمجھ ڇڏي ٿي ٿو اڻ ڄاڻ پيارين ،،
محمد جان جڏهن ٿو موت کي ساري ،،
ويئي عمر گزري تون ٿو هاڻ پيارين ،،




محمد جان زريناڻي

چوڻ ته اسان جو حق آهي

چوڻ ته اسان جو حق آهي
پئيسن اڄ جا انسان وڪامجن ٿا ، پئيسن اڄ جا سياستدان وڪامجن ٿا ، ماڻهن جا ايمان وڪامجن ٿا ، صحافين جا قلمدان وڪامجن ٿا ،
اڄ جي دور ۾ ميڊيا جو وڏو قردار آهي ، ميڊيا حق ۽ سچ جو قلم کي صحيع استعمال ڪري ته سچائي جي علم کي آسمان تائين پهچائي سگهي ٿي ، اُن جي اُبتڙ لالچ ۾ اچي وڃي ته ايمان وارن جا ڪنڌ جهڪائي ڇڏي ٿي ، گهوٽڪي جا صحافي به گهٽ ناهن ، درٻاري شاعري ۽ درٻاري بورچي ته اوهان ٻُڌا هوندا ، هاڻي حاضر آهن درٻاري صحافي ، هر خبر هلائڻ لئه الڳ الڳ رقم ، جيتري سُٺي رقم ، اوتري سٺي سُرخي ! ، ڪجهه وقت اڳ هڪ خبر روزاني ڪوشش ، روزاني سوڀ ۽ ڪجه ٻين اخبارن ۾ ڇپي هُئي  ، اُها بي مُک سُرخي وڏي ڌماڪي سان تحرير ڪئي وئي ، ته پير پاڳاري گهوٽڪي ۾ پيپلز پارٽي جي اميدوارن جي حمائيت ڪري ڇڏي آهي ، اِها خبر اُٿڻ سان هتان جي سٻاجهڙي سادي عوام سچ سمجهڻ لڳي ، ڪجهه ڏينهن کان پوءَ پير سيد صدرالدين شاه صاحب پاڻ ڳوٺ صاحب خان لُنڊ ۾ اچي ان خبر جي سخت ترديد ڪئي ، ۽ چيائين جي اسان کي ڪنهن پيپلز پارٽي جي اميدوار جي حمائيت ڪرڻي هجي ها ته اسان سنڌ جو علم کڻي حيدرآباد ۾ هيڏي ساري خلق خدا گڏ ڇو ڪيون ها ، ؟
هاڻي اسان انهن سان گڏ آهيون جيڪي فنڪشنل ليگ ۾ آهن يا انهن جا اتحادي آهن ، ۽ هن جلسي ۾ گهٽ ۾ گهٽ 15000 کان وٺي 20000 هزارن تائين ماڻهون موجود هئا ، پر اخبارن اِها خبر تمام ننڍي سُرخي ۾ سا به آخري صفحن ۾ صرف نالي ماتر شايه ڪئي ، هاڻي سنگت پاڻ فيصلو ڪري ته ڪوڙي خبر کي ڪيڏي عزت ۽ مرتبي سان تحرير ڪيو ويو ، ان جي ڀيٽ ۾ هڪ سچي خبر ، تحرير ڪرڻ ۾ گهوٽڪي جي صحافين ۽ پرنٽ ميڊيا تڪليف ڇو پئي آئي
اسان صحافي ڀاءُ پئيسن تي اشتهار هلائن ، اهو انهن جو ڪاروبار آ مگر هي عوام پنج يا ڏه رپيا اخبار وٺن ٿا ، يا سڄو ڏينهن اوهان جي چئينلن تي ديد وجهون ويٺا هجن ته ڪا نئي تازي خبر ٻڌي وٺون ، ۽ شام تائين ويچارا مايوس ٿي سمهي رهن ، ۽ اهو چوندا رهن ته جڏهن قلم به وڪرو ٿي وئيي آهي ته هاڻي اسان مستقبل مان ڪهڙي اميد رکون ، ! ؟ اگر ڪنهن کي ڪنهن تي ڪاوڙ هجي ته هلندڙ اشتهارن ۾ ڪڍي وٺن ، باقي خبر جو ته خانو خراب نه ڪن ، منهنجي خيال ۾ ڪوڙيون خبرون شايه ڪندڙ قانون جا مجرم هوندا آهن ، ڇو ته ڪنهن به ڪوڙي خبر تي خون به ٿي سگهن ٿا !
 اهڙن صحافين لئه عدالتن کي پاڻ مُرادو نوٽس وٺڻ گهُرجي ، جيڪي غير تصديق شده خبرون هلائن ٿا ، گهوٽڪي ۾ 11 مئي تي هيڏي ساري دانڌلي ٿي ، مگر صحافي حضرات بلڪل خاموش رهيا ، اهو ڪم ڪيل به سندن هجي ، چوندا آهن جيڪو حق جو قلم وڪڻي سگهي سگهي ٿو ، اهو ماڻهون پنهنجي عزت توڻين غيرت وڪڻڻ لئه هوڪا ڏيندو رهي ٿو ته آهي ڪو سُٺي رقم ڏيڻ وارو “
گهڻو تڻو ڪم ته قلم وڪڻدڙ ڪري ويندا آهن پوءَ وري اليڪشن کان پوءِ خراب رزلٽ جو ضميدار اسان اٻوجهه سنڌين کي سمجهو ويندو آهي ، اهيو چيو ويندو آهي هي قوم وڏيرن ۽ ڀوتارن ۾ ڦاٿل آهي ۽ هي قوم ڪڏهن نه سُڌرندي ، افسوس صد افسوس
هاڻي قوم به اسان کي پڇي ٿي ته هڪ پٽيوالي کان وٺي ڪمشنر تائين ، هڪ سپاهي کان وٺي ايس ايس پي تائين . هڪ ننڍڙي اخباري يا ٽي وي جي نمائندي کان وٺي ميڊيا جي مالڪن تائين ، ته اوهان غيرت ڪيتري ۾ ڏيندا آهيو ، اوهان جي عزت جو ملهه ڇا آهي ، هاڻي انصاف گهڻي ۾ ملندو ؟؟
ٿي سگهي ته جواب ضرور ڏجو
لکڻ لئه گهڻو ڪجهه آهي انشاءَالله لکندا رهنداسين
باقي اسان جي ٻولي ڪو سمجهي نه سمجهي !!!
چوڻ ته اسان جو حق هو ، سو چئي ڏنو

تحرير محمد جان زريناڻي
تاريخ 20.5.2013



محمد جان زريناڻي

چوڻ ته منهنجو حق آهي

چوڻ ته اسان جو حق آهي

طالبان جي ڪري پاڪستان ۾ عالمي ڪرڪيٽ بند ٿي ويئي ، طالبان جي ڪري ڀارت هميشه پاڪستان کان ڪاوڙيل رهي ٿو ، امريڪا جو مسئلو به ساڳي آهي ، هر ملڪ چوي ٿو ته جيستائين هڪ به طالبان زنده آهي تيستائين پاڪستان سان دوستي ، واپار اور ڪرڪيٽ وغيره يا ٻي ڪا به خوشحالي لئه پيشقدمي ٿيڻ مشڪل آهي ،
ٻي طرف پاڪ چوي ٿي ته اسان دنيا جي ڪنهن به ائيٽمي ملڪن کي آساني سان منهن ڏيئي سگهون ٿا ، پر پوءِ به وانا ، وزيرستان هر ملڪي يا غير ملڪي لئه نوگوايريا آهي ، آخر چڪر ڇاهي ،
نوازشريف پڪو طالبان آهي ، ائين سمجهو طالبان جو بازو آهي ، ان جي ڪاميابي تي ڀارت ڏاڍو خوش ٿيو آهي ، آمريڪا به خوش نظر اچي ٿو ، طالبان به خوش آهن ، آخر !!! اصل مسئلو آهي ڇا ؟؟؟
مونکي ته ڪا ڳالهه سمجهه ۾ نٿي اچي ،
چيف جسٽس صاحب کي پاڪستان ۾ هڪڙو مجرم پرويز مشرف ئي نظر اچي ٿو ، جيڪو نا اهل به ٿي ويو ، باقي سڀ اهل آهن ، هڪڙا صبح جو نا اهل ٿيا ، شام جو اهل ٿي ويا ، ۽ ڏسو معجزو اليڪشن ڪمشنر جو ، وفاق ۽ پنجاب مسٽر نواز شريف جي حوالي ڪري ڇڏيائين ، پي پي پي کي سنڌ گفٽ ڪري ڏنائون ، ايم ڪيو ايم کي ڪراچي ۽ حيدرآباد جي حڪمراني ڏني ويئي ، خيبر پختون خواه وري عمران خان جي کي ڏئي ، اُن جو به وات بند ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ،
ڇا تبديلي ايئن ايندي آ ، ڇا ايمانداري ايئن ٿيندي آ ، ڇا انصاف ائين هوندو آ ،
سڀ چون ٿا جهموريت لئه نتيجا قبول ڪريو ، 5 سال اڳ ۾ لوڙيا آهن ، وري هي 5 سال ٻيا لوڙيون ، وري انهن کي ڪو نه ڪو فخرالدين جي ابراهيم ملي ويندو ، وري نتيجا ساڳي ، وري 5 سال جهموريت لئه ڏيئڻا پوندا ،
آخر ڪيستائين ، هي نِسورو ظلم ڪيستائين ، رهندا سڀ چپ ڪيستائين ؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟

چوڻ ته اسان جو حق آهي
سو چئي ڏنو
خدا سڀني کي سمجه ڏئي

تحرير .. محمد جان زريناڻي
20.5.2013





محمد جان زريناڻي

Friday, May 17, 2013

مردن جي ڀيٽ ۾ عورتون


جاپاني سائنسدانن مردن جي ڀيٽ ۾ عورتن جي ڊگهي عمر جو راز دريافت ڪري ورتو..

ٽوڪيو(اي پي پي) جاپاني سائنسدانن مردن جي ڀيٽ ۾ عورتن جي ڊگهي عمر جو راز دريافت ڪري ورتو آهي، جاپان جي ٽوڪيو ميڊيڪل اينڊ ڊينٽل يونيورسٽي جي سائنسدانن مطابق عورتن جي ڊگهي عمر جو راز انهن جي رت ۾ شامل آهي، عورتن جو مدافعتي نظام مردن جي ڀيٽ ۾ عمر گذرڻ سان گڏوگڏ ڪمزور ٿيندو آهي، اهو ئي سبب آهي جو اهي مردن جي ڀيٽ ۾ سراسري طور وڌيڪ عمر ماڻينديون آهن، سائنسدانن پنهنجي طبي اڀياس ۾ 20 کان 90 سالن جي عمر جي عورتن جي رت جي نمونن تي تحقيق ڪئي، جنهن مان خبر پئي ته مرد ۽ عورتن ٻنهي جي رت ۾ موجود سفيد گهرڙا عمر وڌڻ سان گڏوگڏ گهٽجڻ شروع ٿي ويندا آهن پر ڪجهه مدافعتي گهرڙا جهڙوڪ ٽي سيل ۽ بي سيل مردن جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ تيزي سان ختم ٿيندا آهن، ساڳي ريت رت جا ڳاڙها گهرڙا به مردن ۾ عمر سان گڏوگڏ ڪمزور يا ختم ٿي ويندا آهن پر عورتن جي اڪثريت ۾ اهو عمل سست رفتاري جو شڪار رهندو آهي

محمد جان زريناڻي