Tuesday, May 21, 2013

واه وطن سنڌ جو



سنڌ سموري سون ، سونو مَن سنڌ جو
سائين جي ايم سيد هو سچو سَن سنڌ جو
جبل ، سمنڊ ، واري جا دَڙا ،سر سبز ٻنيون
خدا قسم خوبصورت آهي توانو تَن سنڌ جو
سنڌو البيلو، ڪينجهر منڇر هڪ هڪ ٻيلو
ڇا لکي ، ڇالکَي محمد جان هي جوڀن سنڌ جو
سردي ، گرمي ، سَرو ۽ بهار سدا سنڌ ۾
هر طرف جي هوا هلي ٿي واه وطن سنڌ جو



محمد جان زريناڻي

No comments:

Post a Comment

مهرباني ڪري تبصرو ڪريو