Friday, May 17, 2013

مردن جي ڀيٽ ۾ عورتون


جاپاني سائنسدانن مردن جي ڀيٽ ۾ عورتن جي ڊگهي عمر جو راز دريافت ڪري ورتو..

ٽوڪيو(اي پي پي) جاپاني سائنسدانن مردن جي ڀيٽ ۾ عورتن جي ڊگهي عمر جو راز دريافت ڪري ورتو آهي، جاپان جي ٽوڪيو ميڊيڪل اينڊ ڊينٽل يونيورسٽي جي سائنسدانن مطابق عورتن جي ڊگهي عمر جو راز انهن جي رت ۾ شامل آهي، عورتن جو مدافعتي نظام مردن جي ڀيٽ ۾ عمر گذرڻ سان گڏوگڏ ڪمزور ٿيندو آهي، اهو ئي سبب آهي جو اهي مردن جي ڀيٽ ۾ سراسري طور وڌيڪ عمر ماڻينديون آهن، سائنسدانن پنهنجي طبي اڀياس ۾ 20 کان 90 سالن جي عمر جي عورتن جي رت جي نمونن تي تحقيق ڪئي، جنهن مان خبر پئي ته مرد ۽ عورتن ٻنهي جي رت ۾ موجود سفيد گهرڙا عمر وڌڻ سان گڏوگڏ گهٽجڻ شروع ٿي ويندا آهن پر ڪجهه مدافعتي گهرڙا جهڙوڪ ٽي سيل ۽ بي سيل مردن جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ تيزي سان ختم ٿيندا آهن، ساڳي ريت رت جا ڳاڙها گهرڙا به مردن ۾ عمر سان گڏوگڏ ڪمزور يا ختم ٿي ويندا آهن پر عورتن جي اڪثريت ۾ اهو عمل سست رفتاري جو شڪار رهندو آهي

محمد جان زريناڻي