Monday, May 20, 2013

شاعري


اٿ ميڙ ٺڪريون دل اسان جي ٽٽي پئي آ
عشق ڪندي ڪندي حياتي ئي کٽي پئي آ

جت خون جو بدلو بي خون آهي
انهي جھان کان جند ڇٽي پئي آ

متان دانهن ڏي ميئت ماڻهن کي
مرڻ کانپوءِ بي نڙي هن جي گھٽي پئي آ


پوسٽ مارٽم کانپوءِ پئي خبر
دلنواز جي دل چپي چپي چٽي پئي آ


جان جنازي تي جاني نـ آيو
لڳي ٿو سنگت اڃان رٺي پئي آ


9.9.2000


محمد جان زريناڻي

No comments:

Post a Comment

مهرباني ڪري تبصرو ڪريو