Sunday, March 10, 2013
شاعري
مان جو بره جي بلا مان بچي نڪتو هان
موت جي منهن مان سچي نڪتو هان
عشق جي اڳ خبر نه هوئي مونکي
هاڻ محبت جي رنگ سان رچي نڪتو هان
ڪون آهيان ڪچو گهڙو ڪير ٿو چئي
بره جي بٺي مان بيشڪ پچي نڪتو هان
ڪک ۽ ڪنڊا راه وفا مان صفا ٿي وڃو
عشق جي باه مان مست ٿي مچي نڪتو هان
عشق وارن جي ڏٺم الڳ دنيا وڃي
شريفن جي محلي مان نچي نڪتو هان
کلي ملي ڏيو مبارک محمد جان ٿو اچي
نيٺ محبوبن جي ملڪ ۾ اچي نڪتو هان
شاعر ... محمد جان زريناڻي
Subscribe to:
Posts (Atom)