Monday, May 20, 2013

شاعري



تون جام تي جام ٿو پاڻ پيارين ،،
هٿ ڪلهي تي چاهت چپن ۾ قرب ساڻ پيارين ،،
وفا جو جي نٿو واعدو ڪرين ،،
تون جي ڇڏي ويندين پوءِ ڇو ۽ ڇاڪاڻ پيارين ،،
نفرت جا تو ڏنا هن تحفه مونکي گهڻا ،،
ڪالهـ وساري اڄ ٿو محبت جا ماڻ پيارين ،،
ايترو نشو ڪٿي مونکي نهوڙي نـ وجھي ،،
سوچ سمجھ ڇڏي ٿي ٿو اڻ ڄاڻ پيارين ،،
محمد جان جڏهن ٿو موت کي ساري ،،
ويئي عمر گزري تون ٿو هاڻ پيارين ،،




محمد جان زريناڻي

No comments:

Post a Comment

مهرباني ڪري تبصرو ڪريو