Tuesday, March 12, 2013

سڄڻن جي سار



ياد آهي مونکي سارو احوال اڃا
گُذريو هوندو مَس سال اڃا
قُرب هو ٻنيءِ ٻاري ۾
۽ جوت جلي پئي جاري ۾
هِڪ مَڪيئي هُئي مڻيادار
ٻي تنهنجي بدن ۾ جا بهار
هوڏانهن سبزين سان زمين سينگاريل
هيڏانهن تون انگ انگ ۾ خُماريل
هوڏانهن چِلوِليئن جي جِهر مِر
هيڏانهن تون بلڪُل کان بيخبر
ڪي سُريليون سَهرا ڳائن پيون
ڪي نِکٽ نخرا ڏيکائن پيون
ڪير پيو تاڙي واجهائن پيون
تن کان جُدا تون هُئين جهنگ جي هير وانگيان
تنهنجون تِجليون لڳيون دل ۾ تير وانگيان
توڻين جي هونديءَ تون سُهڻي ڪنهن ميهار جي
توکي ڇِڪي ايندي سِڪ منهنجي پيار جي
انتظار اِهيو آ بس صنم
جيڪو ملائي تنهن کي جس صنم
منهنجي دل جا سارا دنگ تنهنجا آهن
اُڪريل هِن ڊائيري تي سڀ رنگ تنهنجا آهن
هي ساري خوش خطي به تنهنجي عِشق ۾
جيئري نه وِسامندي بره جي بتي به تنهنجي عِشق ۾
شاعر .. محمد جان زريناڻي .... 12.3.2013


محمد جان زريناڻي

No comments:

Post a Comment

مهرباني ڪري تبصرو ڪريو