Tuesday, May 21, 2013

مشهور ڪرڻ واري ذات آهين تون



مون لاءِ ڪل ڪائنات آهين تون
منهنجي پوري حيات آهين تون

ڪا ويل تون وسرڻ واري ناهين
ياد ڏينهن ۽ رات آهين تون

سڄي زندگي مون لاءِ رات ڪاري
پره ڦٽي پرڀات آهين تون

مور محفلن ۾ پچر پنهنجي آ
مشهور ڪرڻ واري ذات آهين تون

ڪئين وساريان توکي ڪنهن مهل
وائي سدائين وات آهين تون

مون کي تنهنجو مٺو آواز موهي ٿو
سهڻن سرن جي سوغات آهين تون

محمد جان مان رڳو جان آهيان
خواهش ، خوشيون ، جذبات آهين تون



محمد جان زريناڻي

No comments:

Post a Comment

مهرباني ڪري تبصرو ڪريو