Monday, June 3, 2013

اڄوڪي سياست جو ابو زرداري آ

واعدو سڀئي ڪندا وفا ٿيڻ مُشڪل آ
پيڪج ڏيندا غريبن جي غِزا ٿيڻ مُشڪل آ
نعرا الڳ الڳ پر جدا ٿيڻ مُشڪل آ
عوام جو حق آ مگر ادا ٿيڻ مُشڪل آ

غريبن مٿان بيٺي تلوار اُلاري آ
اڄوڪي سياست جو ابو زرداري آ

عجيب آهي اِها جهموريت جا جاري آ
مارشلا کان وڌ مُصيبت خواري آ
غريبن جي ووٽ تي وڏيري جي لت باري آ
کٽيندو اهو جنهن کي ليئسنس سرڪاري آ

انڌير نگري ۾ انڌيرو تاري آ
اڄوڪي سياست جو ابو زرداري آ

ايجنٽ وٺي وڃي واڙيو واڙي تي
پولنگ آفيسر پاڻ هڻندو ٺپا جاڙي تي
ايس ايس پي به عاشق آ ٻوڙ ڳاڙهي تي
صحافي پاڻهي لکندا سردار جي ڀاڙي تي

کوکو مِليو اُنهن کي ٽُٻٽاري آ
اڄوڪي سياست جو ابو زرداري آ

جج چون ٿا اسان ٿيل هون خريد
کائي پيئسه وڪيلن ورتيون گاڏيون جديد
حيل فيصلو نه ٿيندو ثبوتن تي مزيد
ڀلي جوتا هڻو اسان کي درد نه ٿيندو شديد

جوتا لڳا اکين تي ، اڄ اسان لئه بهاري آ
اڄوڪي سياست جو ابو زرداري آ

مزا ۽ موجون آهن لينڊ ڪِروزر مِلي آ
هڪڙي بيگ به هزار جي نوٽن سان تر ملي آ
ٽين سوني جي سوکڙي منهنجي گهر مِلي آ
جنهن انڪار ڪيو اُن کي ڊيوٽي دربدر مِلي آ

مطلب وارن جون موجون ، عوام لئه قيامت ڪاري آ
اڄوڪي سياست جو ابُو زرداري آ





محمد جان زريناڻي