Monday, May 20, 2013

چوڻ ته منهنجو حق آهي

چوڻ ته اسان جو حق آهي

طالبان جي ڪري پاڪستان ۾ عالمي ڪرڪيٽ بند ٿي ويئي ، طالبان جي ڪري ڀارت هميشه پاڪستان کان ڪاوڙيل رهي ٿو ، امريڪا جو مسئلو به ساڳي آهي ، هر ملڪ چوي ٿو ته جيستائين هڪ به طالبان زنده آهي تيستائين پاڪستان سان دوستي ، واپار اور ڪرڪيٽ وغيره يا ٻي ڪا به خوشحالي لئه پيشقدمي ٿيڻ مشڪل آهي ،
ٻي طرف پاڪ چوي ٿي ته اسان دنيا جي ڪنهن به ائيٽمي ملڪن کي آساني سان منهن ڏيئي سگهون ٿا ، پر پوءِ به وانا ، وزيرستان هر ملڪي يا غير ملڪي لئه نوگوايريا آهي ، آخر چڪر ڇاهي ،
نوازشريف پڪو طالبان آهي ، ائين سمجهو طالبان جو بازو آهي ، ان جي ڪاميابي تي ڀارت ڏاڍو خوش ٿيو آهي ، آمريڪا به خوش نظر اچي ٿو ، طالبان به خوش آهن ، آخر !!! اصل مسئلو آهي ڇا ؟؟؟
مونکي ته ڪا ڳالهه سمجهه ۾ نٿي اچي ،
چيف جسٽس صاحب کي پاڪستان ۾ هڪڙو مجرم پرويز مشرف ئي نظر اچي ٿو ، جيڪو نا اهل به ٿي ويو ، باقي سڀ اهل آهن ، هڪڙا صبح جو نا اهل ٿيا ، شام جو اهل ٿي ويا ، ۽ ڏسو معجزو اليڪشن ڪمشنر جو ، وفاق ۽ پنجاب مسٽر نواز شريف جي حوالي ڪري ڇڏيائين ، پي پي پي کي سنڌ گفٽ ڪري ڏنائون ، ايم ڪيو ايم کي ڪراچي ۽ حيدرآباد جي حڪمراني ڏني ويئي ، خيبر پختون خواه وري عمران خان جي کي ڏئي ، اُن جو به وات بند ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ،
ڇا تبديلي ايئن ايندي آ ، ڇا ايمانداري ايئن ٿيندي آ ، ڇا انصاف ائين هوندو آ ،
سڀ چون ٿا جهموريت لئه نتيجا قبول ڪريو ، 5 سال اڳ ۾ لوڙيا آهن ، وري هي 5 سال ٻيا لوڙيون ، وري انهن کي ڪو نه ڪو فخرالدين جي ابراهيم ملي ويندو ، وري نتيجا ساڳي ، وري 5 سال جهموريت لئه ڏيئڻا پوندا ،
آخر ڪيستائين ، هي نِسورو ظلم ڪيستائين ، رهندا سڀ چپ ڪيستائين ؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟

چوڻ ته اسان جو حق آهي
سو چئي ڏنو
خدا سڀني کي سمجه ڏئي

تحرير .. محمد جان زريناڻي
20.5.2013





محمد جان زريناڻي

No comments:

Post a Comment

مهرباني ڪري تبصرو ڪريو