Thursday, March 7, 2013

عقلمندي

عقلمند اُهو آهي جيڪو ٻيئن جون نصيحتون ٻڌندو آهي

چُپ رَهڻ ڪاوڙ جو بهترين عِلاج آهي

نيڪي ڪَرڻ ۾ دير نه ڪَريو ۽ بَدلو وَٺڻ ۾ جَلدي نه ڪَريو

سياڻو ڳالهائڻ کان پَهريان سوچيندو آهي ۽ بيوقوف ڳالهائي پوءُ سوچيندو آهي

جيڪڏهن ڪامِياب ٿِيڻ چاهِيو ٿا ته هِمت نه هاريو مُسلسل مَحنت ڪندا رَهو

مصيبت جي وقت صَبر ۽ نَماز جو سَهارو وَٺو

خَراب دوستن کان هَميشه بَچو

جيڪڏهن دنيا ۾ عِزت جا طَلبگار آهيو ته پنهنجي زَبان تي قابون رَکو

ماڻهون توهان جي عئيبن جا جاسوس آهن

حُسن اُهو جيڪو لازَوال آهي

اِنسان اُهو جيڪو ٻين جا دَرد سَمجهي

شعر اُهو جيڪو ٻُڌڻ سان دِل ۾ لَهي وڃي

مُنصف اُهو جيڪو حَقيقت بيان ڪَري

عِلم اُهو جيڪو ٻين کي فائدو ڏي

موتي

اڪيلو رَهڻ وارو سَڄي عُمِر اڪيلو رَهندو آهي

جيڪو الله جي ذات لاءِ ڪري ٿو الله اُن لاءِ گهَڻو ڪجهه ڪندو آهي

سَڀ وڏو جاهِل اُهو آهي جيڪو گُناهَن کان بيخبر آهي

جدوجهدو نه ڪرڻ مُحتاجي جو سبب بڻبي آهي

پنهنجي ماءُ ۽ پيءُ جو احترام ڪريو ۽ ڀيڻن ، ڀائرن سان پيار ڪريو

دوستي هِڪ عظيم رِشتو آهي اُن جو ڀرم نه ٽوڙيو

ڪنهن جي غَلطي کي معاف ڪَرڻ به نيڪي آهي

قُرباني هميشه زنده رَکندي آهي

حق جي راه تي هَلڻ واري جو پهريون مقام توبه استغفار آهي

جنهن دِل ۾ برداشت جي هِمت هُجي اُها ڪَڏهِن شِڪست نه کائيندي آهي

اَهڙي دوستي قبول نه ڪَريو جيڪا توهان کي پنهنجن کان پَري ڪَري

ڪجهه سِکو

علم سِکو _ شَوق سان

بَحِث ڪَريو _ دليل سان

ڳالاهيو _ اِخلاق سان

عاقبت سنواريو _ عِبادت سان

خوشامندي کان بچو _ دانائي سان

دوستي رکو _ اهل علم سان

ڪاوڙ کي پِيو _ تحمُل سان

محبت نه ڪَريو _ دولت سان

تنقيد ٻُڌو _ فراخدِلي سان

تاريخ پَڙهو _ عِبرت سان

معلومات

1_ ڪيلي جي وڻ ۾ ڪاٺي نه ٿيندي آهي 

2_ آواز جي ڀيٽ ۾ روشني جي رفتار وڌيڪ هوندي آهي 

3_ بلب ۾ نائيٽروجن گئيس ڀريل هوندي آهي

4_ آنبوس جي ڪاٺي پاڻي ۾ ٻڏي ويندي آهي

5_ نِج کير ۾ به 87 فيسد پاڻي هوندو آهي

6_ ٻار گرمي ۾ جلدي وڏو ٿيندو آهي

7_ ڇهن منهينن جي ڊگهي رات اُتر قطب ۾ ٿيندي آهي

آزاد نظم

اڄ صبح جو ڪجهه بوندون پيون

بوندون به بهار جي برسات جون

برسات جي ڪڻي ڪَڻي ۾

هُئي محبت مَڻي

مِٺيون محبتون مِليون

مولاءِ ڪائينات جون

ڪائينات جي ڪڇ تي

سِنڌڙي سونهي

سَر سبزي جو سِج اُڀريو

راحتون مِليون رات جون

رات به سوغات آ جان

پوءُ رونقون پِرڀات جون


شاعر .... محمد جان زريناڻي 

20_2_2013