Wednesday, June 5, 2013

بن قاسم جي ظلم جي ننڍڙي تاريخ

بن قاسم جي ظلم جي ننڍڙي تاريخ
ڪجھ تاريخ جا ورق چون ٿا 1400 قبل مسيح ۾ آرين سنڌ جو رخ ڪيو 6 ڇهين صدي قبل مسيح ۾ ايرانين سنڌ تي قبضو ڪيو جيڪي ٻه سئو سال سنڌ جا حاڪم رهيا چوٿين صدي قبل مسيح ۾ جڏهن سڪندر ايران فتح ڪيو ته هو سنڌ ۾ داخل ٿيو سڪندر جي مرڻ کان پوءِ سنڌي آزادي لاءِ اٿي کڙا ٿيا سڪندر جي جنرل سلوڪس شڪست کاڌي راجا چندر گيت سنڌ جو حاڪم بڻيو.
وري يونانين سنڌ تي قبضو ڪيو ان بعد سا ڪا قبائيلي سنڌ ۾ داخل ٿيا آخر سنڌين وڏي جنگاڻ بعد سنڌ ۾ راءِ گهراڻي جي آزاد حڪومت قائم ڪئي.
631ع ۾ راءِ سهيرس جي موت کان پوءِ سندس وزير چچ برهمڻ حاڪم ٿيو چچ کان پوءِ راجه ڏاهر سنڌ جو والي بڻيو. راجا ڏاهر جي وقت ۾ سنڌ تمام گهڻي خوشحال هئي اها خوشحالي ڏسي عربن ڪيترا ڀيرا سنڌ تي حملا ڪيا. پر شڪست کاڌائون
711ع ۾ عرب سپه سالار محمد بن قاسم سنڌ تي حملو ڪيو. راجا ڏاهر جي سرواڻي ۾ سنڌين پنهنجي آزادي آبرو ۽ دنگ ۽ ننگ بچائڻ لاءِ وڏي جنگ ڪئي راجا ڏاهر سميت هزارين سنڌين آزادي جي راهه ۾ خون جو نذرانو ڏئي شهادت ماڻي. پر سنڌ تي عربن جو قبضو ٿي ويو. سرسبز سنڌ کي اجاڙي تباهه ڪيو ويو مڪليءَ کان ماڇڪي، ملتان تائين مندر ڦري سوين مڻ سون چاندي هيرا جواهراته سال گڏ سوين سنڌي عورتن ٻارن کي قيد عرب حڪمرانن حجاج بن يوسف ۽ ٻين لاءِ تحفو ڪري موڪليون ويون انهن عورتن ۾ سنڌ جي حاڪم راجه ڏاهر جون ڌيئرون به هيون جن سان جيڪي سلوڪ روا رکيو ويو ان جي منظر نگاري سنڌ جي عظيم شاعر دانشور شيخ اياز هيئن ڪئي آهي.
راجا ڏاهر!
تنهنجون نياڻيون
سهڻيون سياڻيون
ڪنهن هيئن آنديون
مانديون بانديون
چيلهه ۽ رسا
ڇڪبا چُوٽا
اڳتان گهوڙا پُٺ تان پياريون
راج ڪماريون ننگيون ساريون
ها پر آهي
پو به انهن جي
منهن تي نفرت
عظمت جرئت
آهن منهنجون ڄڻ ڪوتائون
سنڌ عربن جي غلامي ۾ اچي وئي پر سنڌي ماڻهو خاموش نه ويٺا ۽ انهي غلامي خلاف جدوجهد ڪندا آزادي لاءِ پاڻ پتوڙيندا رهيا. وجود جي بقا لاءِ جنگ ڪيون يا هميشه لاءِ ختم ٿي وڃو. اهو سوال اڄ اسان جي سامهون آهي...؟
جان وڍيو هئين ته ويهه نه ته وٺبو واٽ ونءَ تون
هي تنين جو ڏيهه ڪاتي جنين هٿ ۾
وقت گذرڻ سان سنڌي ماڻهن سنڌ جي ڪيترن علائقن ۾ پنهنجون آزاد خود مختيار حڪومتون قائم ڪري ورتيون هيون پوءِ 11ع صديءَ ۾ محمود غزنوي سنڌ تي ڪاهه ڪري قبضو ڪيو ۽ پنهنجي طرفان سنڌ تي گورنر موڪلڻ شروع ڪيا پوءِ جڏهن ايبڪ دهليءَ ۾ نئين سلطنت جو بنياد رکيو ته سنڌ کي صوبي جو درجو ڏئي دهلي مرڪز جي ماتحت رکيو سنڌي ماڻهن پنهنجي جدوجهد جاري رکي جنهن کان تنگ ٿي دهلي جي شهنشاهه وقت به وقت سنڌ مٿان ڪاهي ايندا هئا ته جيئن سنڌ ۾ اڀرندڙ آزادي جي تحريڪن کي ڪچلي مرڪز جو ڌاڪو ڄمائين ۽ جڏهن امير تيمور هندستان تي حملو ڪيو ته سنڌي ماڻهن انهن حالتن مان ڀرپور فائدو ورتو ۽ پنهنجي قومي ٻڌي جي طاقت ذريعي آزادي جو علم بلند ڪيو آزادي ورتي.
نظر پياسي جي وال تان کنيل



محمد جان زريناڻي

No comments:

Post a Comment

مهرباني ڪري تبصرو ڪريو