Tuesday, February 12, 2013

شاعري



ياد آهين جانان قسم سان وِساري نه سگهيم
تنهنجي تڪ تيز نگاهُن ۾ نهاري نه سگهيم


هر چال ۾ سئو ڪمال منهنجو جيئڻ مِٺڙي محال
تنهنجي تصوير ڪيو فقير پرين پاڻ اُتاري نه سگهيم


سندي ڇير سمجهي ڪير پاءِ پاپي پير
مِٺو آواز نئون ناز ڪا گهڙي گهاري نه سگهيم


نڪ ۾ ڪوڪو شهر ۾ هوڪو بچو هوندو ڪوڪو
جنهن تي ديد سو مُريد سئو ٽلن سان ٽاري نه سگهيم


تون جند تون جان منهنجو من منهنجو تن تنهنجو مهمان
هيڪر سڏ ڪر گڏ هڪ گهڙي ڌار گزاري نه سگهيم



شاعر .. محمد جان لنڊ زريناڻي
9_2_2013

No comments:

Post a Comment

مهرباني ڪري تبصرو ڪريو