Tuesday, May 21, 2013

سکي




محمد جان زريناڻي

واه وطن سنڌ جو



سنڌ سموري سون ، سونو مَن سنڌ جو
سائين جي ايم سيد هو سچو سَن سنڌ جو
جبل ، سمنڊ ، واري جا دَڙا ،سر سبز ٻنيون
خدا قسم خوبصورت آهي توانو تَن سنڌ جو
سنڌو البيلو، ڪينجهر منڇر هڪ هڪ ٻيلو
ڇا لکي ، ڇالکَي محمد جان هي جوڀن سنڌ جو
سردي ، گرمي ، سَرو ۽ بهار سدا سنڌ ۾
هر طرف جي هوا هلي ٿي واه وطن سنڌ جو



محمد جان زريناڻي

اڄ جي ڪو بادل برسي پئي



اڄ جي ڪو بادل برسي وئي
هڪڙي ڪڪري مٿان ترسي پئي
تتي ڏينهن ۾ پيا کيڙي ۾ کامون
من رات  ڪا ماڪ سرسي پئي
اڄ جي ڪو بادل برسي پئي



محمد جان زريناڻي

ڪيل بيوفائي


تنهنجي جدائي کانپوءِ
ڪيل بيوفائي کانپوءِ


مان امير تان نـه  ٿيس ۽ نه  ڪو ٿيس غريب
۽ نـه درويش يا فقير ، آهي نـه ڳاله عجيب


پر ها جيڪو بي ڊائيري ۾ لکيو اٿم
سڀ ڪجھ تنهنجي سورن مان سکيو اٿم
ڇا اڃان بي توکي سولي سنڌي
۾ سمجھايان


پوءِ اي پرين ٻڌ “ مان بي هاڻي شاعر آهيان




محمد جان لنڊ
۲۴.۷.2007


محمد جان زريناڻي

عشق



لڳا نيهن نال نيلم دي ، پئي ياد ول ول آويءِ
ياد يار جاني دي ، گھن ڀي دردان دي ڇل آويءِ
دل جان جگر وچون ڪر سيني ڪون ڀي سل آويءِ
سڪ سهڻي يار دي ، تن من ڪون ڀي تل آويءِ
جان روز مران ، روز جيوان من محبوب گھڙي پل آويءِ

شاعر+ محمد جان لنڊ تاريخ __ ۸_ ۹  _ 2008


محمد جان زريناڻي

مشهور ڪرڻ واري ذات آهين تون



مون لاءِ ڪل ڪائنات آهين تون
منهنجي پوري حيات آهين تون

ڪا ويل تون وسرڻ واري ناهين
ياد ڏينهن ۽ رات آهين تون

سڄي زندگي مون لاءِ رات ڪاري
پره ڦٽي پرڀات آهين تون

مور محفلن ۾ پچر پنهنجي آ
مشهور ڪرڻ واري ذات آهين تون

ڪئين وساريان توکي ڪنهن مهل
وائي سدائين وات آهين تون

مون کي تنهنجو مٺو آواز موهي ٿو
سهڻن سرن جي سوغات آهين تون

محمد جان مان رڳو جان آهيان
خواهش ، خوشيون ، جذبات آهين تون



محمد جان زريناڻي

هيل جي ڊائيري





صنم سڏي چيو سڄي شاعري مونتي لکجانءِ
گزريل گھڙيون وسار کڻي نئين ڊائيري مونتي لکجانءِ

منهنجي حسن تي لک ، ادا تي لک ، شباب تي لکجانءِ
منهنجي ڇڪ تي لک ، سڪ تي لک ، شراب تي لکجانءِ

لکجانءِ تـ جواني جا وڻ اڀري پيا اٿس
لکجانءِ تـ باغ بدن جا گل نکري پيا اٿس

لکجانءِ تـ مونکي آرس هاڻ روز ايندي آ
لکجانءِ تـ ڪا اڻ ڄاتل خوشي محسوس ٿيندي آ

لک تـ منهنجي اکين کي ڪري مشهور لک
لک تـ منهنجي بدن جي خوشبوءِ کي ڀرپور لک

گھٽ ۾ گھٽ هيل جي ڊائيري مونتي لکجانءِ

محمد جان زريناڻي