Monday, March 11, 2013

انداز پنهنجو پنهنجو

مان ڏِسان ٿو هوءِ ڏِسي ٿي
مان لُڇان ٿو هوءِ لُڇي ٿي

ماڻهُن کان وَڃي مُنهنجو پُڇي ٿي
ڪو ڪيئن چَوي پَر ڪانه ڪُڇي ٿي

اَنڌ مان ٿي روز اِشارا ڪَري
مِلڻ لئه مونسان وارا وارا ڪَري

اَڃان تائين آ ڪوري ڪُونواري
لَڳي جي دِل نه ڇِنبي ياري

جَڏَنهن ٿي هوءِ خُماريل نيڻ کَڻي
هَر اداءَ سان ٿي واه جو وَڻي

چَويءَ دِل پَئي ڀاڪُر ڀَرِيانس
عُمِر سَڄي لَئه پَنهنجو ڪَرِيانس

سامهُون ويهاري روز ڏِسانس
پَر ۾ ويهيءِ پيار جو پُڇانس

چَوانس هاءُ هاڻ تون ٻُڌائي
اُهو ڪَهڙو هو جادو اَلائي

جَنهن توکي بيتاب ڪَيو
نَه تو دُنيا جو حِساب ڪَيو

يا شايَد مون هو ڪو ثَواب ڪَيو
جَنهن جو مالِڪ واپَس جَواب ڪَيو

بَس رَهُه راضيءِ تون جانيءِ جَهان تي
آ رَکيل هوندو سارو حِساب آسمان تي

محمد جان زريناڻي 15.5.2003


محمد جان زريناڻي

هِڪ نَظم



ڏِسو ڏِسو هوءِ بيٺي نِهاري ٿي
نِهارَڻ سان ٿي مونکي ماري
هوءِ ٿي ڪَري مَٿي پوتي جو پاند
لَڳي آ آخر هُن کي ڪَهڙي راند
هوءِ پَنهنجا پَئي صَدورا وار ٺاهي
ڏِسي مونڏي ٻانهُن جا هار ٺاهي
هوءِ ڏِس هاڻ آرَس به ڀَڳي اَٿَس
آخِر سِڪ ڪَنهن جي ته لَڳي اَٿَس
هُن جو چَهِرو چُمَڻ جَهڙو آ
مِٺي سَندو مُنهن مَکڻ جَهڙو آ
ماکيءِ وانگُر آ مَحبوب جي بات
شَل ٿِيئِس مُحمد جان سان مُلاقات
هُن جي سيني ۾ مُنهنجو ساهُ ڀَڙڪي
جيتَرو سوچان اوتَرو ٿي دِل ڌَڙڪي
هُن کي چَئجو يار حِساب ڪَري
دُنيان دو رَنگي جو حِجاب ڪَري
ڇَڏِي نه مونکي مُحِب وِساري
هُوءِ ڏِسو اَڃا به بيٺي نِهاري

شاعر ____ محمد جان زريناڻي

تصوير


محمد جان زريناڻي
محمد جان زريناڻي
300582_184993918239095_5252733_n-001.jpgمحمدجان زريناڻي جو بلاگ

Sunday, March 10, 2013

جمشير خان

محمد جان ۽ جمشير خان اُن سان گڏ ننڍڙو ٽهل خان  

شاعري


مان جو بره جي بلا مان بچي نڪتو هان
 موت جي منهن مان سچي نڪتو هان
 عشق جي اڳ خبر نه هوئي مونکي
 هاڻ محبت جي رنگ سان رچي نڪتو هان
 ڪون آهيان ڪچو گهڙو ڪير ٿو چئي
 بره جي بٺي مان بيشڪ پچي نڪتو هان
 ڪک ۽ ڪنڊا راه وفا مان صفا ٿي وڃو
 عشق جي باه مان مست ٿي مچي نڪتو هان
 عشق وارن جي ڏٺم الڳ دنيا وڃي
 شريفن جي محلي مان نچي نڪتو هان
 کلي ملي ڏيو مبارک محمد جان ٿو اچي
 نيٺ محبوبن جي ملڪ ۾ اچي نڪتو هان
 شاعر ... محمد جان زريناڻي

تصويرون



سنڌي

Saturday, March 9, 2013

دل جي دانهن



دِل جي دانهن

دِل ٿي چوي توکي ڪِس ڪَيان
مِٺو موقعو نه هي مِس ڪيان
ڳِٽا تُنهنجا ڳِنهَڻ جَهڙا ماکي مِٺا تَهڙا
سِڪي سينو ڏِسَڻ سان ويندا اَرمان ڪَهڙا
پَري کان ويهي ائين نه پوتي ڇَنڊ پِرين
ويهي واٽن تي ائين قُربڙو نه وَنڊ پِرين
هاءِ تُنهنجي اداءَ شَل ڪَري خير خُدا
ٿو ساه مُنجهي مُنهنجو مونکي سيني سَما
نَڪ تُنهنجي ڦُلڙي ٿي دِل ڦُري مُنهنجي
ڪَن واري والي بالي جِگر گُهري ٿي
مان چاهيان ڀَري ڀاڪُر ۾ آ سَجني
مُنهنجي ساهُن ۾ سَما سجني
ويهي گَڏ قُرب ڪما سجني
مان تُنهنجو آهيان ڪَر پوري دِلجا سجني


شاعر __ محمد جان زريناڻي

18_5_

2003

دل جو آواز

دل جو آواز!
جڏهن هوءَ جهوليون کڻي ڏيکاري پئي
هِڪ ننڍي نيٽي مونکي ماري پئي 
هَٿڙن سان هوءَ زَهَر زوري پياري پئي
سُتَل عاشق کي وري اُٿاري پئي  
جاني جي جوني جا پيا اُڀرن آثار
شَوُق مان شَباب کَڻي شوڪاري پئي
هاءِ هوءَ ڏِس آرَس پئي ڀڃي ظالم
اَڃا آسوند کي اَکين مان تِير ماري پئي
ٻانهُن ۾ چار رنگيون چوڙيون پايانس
ڏيئي مِٺي مونکي ڏيکاري ۽ هانءَ ٺاري پئي
سَندي نَڪ جي ڦُلڙيءِ لاهي پوپو پايانس
تَنهن کي پائي پوءَ مون ڏي نِهاري پئي
ٿي دل گُهري هُجانس لِپٽيل لِباس ۾
سَڏي سِڪ مان گَڏ گوڏي سُمهاري پئي
وارن ۾ به واس آ پر سَڳي وڃي دِل ۾ لڳي
ڦُوه مان هوءَ ڦُندَڻ ڦُلهَاري پئي 
سو جاني لئه جان رَک عِشق تي ايمان
بَس ٻه جِسم هُجون هِڪ جان دِل ائين پُڪاري پئي

شاعر ___ محمد جان زريناڻي
18_5_2003

سنڌي

شاعري


دِل جي دانهن

 

 ٹوٹی پہوٹی شاعری میں

لکھ دیا میں نے ڈائری میں

 

کہانی ساری اپنے یار کی

ہر بات جو ہے دیدار کی

 

حسینون میں وہ حسین ہے

کو‏ئی ماہ لقا ماہ جبین ہے

 

کیا بات لکہون ان کے بالون کی

اس لیے فرصت چاہے سالون کی

 

چل کر جو چومون ان کی پیشانی

راحت ملتی ہے مجہے روحانی

 

چہرا ان کا چاند کی طرح چمکتا ہے

ہر دلدار کی دل میں دمکتا ہے

 

ہونٹ ہیں ان کے گلابی

چما یار کا کوثر شرابی

 

بدن یار کا بہار جیسا

ہر بہار کی نکہار جیسا

 

سینا ان جیسا کوئی سینا نہین

شاید بارہ ماہ میں ائیسا کوئی مہینا نہین

 

ہاتھ چومون یا چومون پیر

خدا کرے ان کی خیر

 

گلے میں وہ باہیں ڈال کے

کہتی ہے سوچ سنبہال کے

 

کتنا مجہے پیار کرتے ہو

جی نہین سکتے باقی میرے مرتے ہو

 

لکہو لکہو میری یاد لکہو

اپنے آپ کو برباد لکہو

 

ٹوٹ گیا حوصلا اس ‏غریب کا

یہان بس نہین چلتا کسے کے نصیب کا

 

جان تیری کیا مجال ہے

مر جائو گے میرا خیال ہے

 

پتا چلا تو قبر پہ آئون گی

اپنے قدمون کی دہول لائونگی

 

تیرا بدن بیقرار ہوگا

بس یہ آخری پیار ہوگا

 

میں نے کہا جی مہربانی

اب اگلے جہان میں ہوگی نادانی

 

صورت فاتھ پڑہ کر دور جانا

مجہے کر کے ہور مجبور جانا

 

میری آخری خواہش کا خیال کرنا

بس اپنے آپ سنبہال کرنا

 

اب جائو تم تمہین کام ہوگا

میرے لیے اب آیا جام ہوگا

 

دن قیامت کے بہی تجہے سلام ہوگا

یہ عاشق یہان وہان بدنام ہوگا

 

کئیسے لکہون یہ کہانی پوری

ابہی تو ہے ہر بات ادہوری

 

جان انتظار کرنا جان کا

میرے پیار اور میرے مان کا

 

 

 

 

 

شاعر

محمد جان لنڈسنڌي