Monday, March 11, 2013

انداز پنهنجو پنهنجو

مان ڏِسان ٿو هوءِ ڏِسي ٿي
مان لُڇان ٿو هوءِ لُڇي ٿي

ماڻهُن کان وَڃي مُنهنجو پُڇي ٿي
ڪو ڪيئن چَوي پَر ڪانه ڪُڇي ٿي

اَنڌ مان ٿي روز اِشارا ڪَري
مِلڻ لئه مونسان وارا وارا ڪَري

اَڃان تائين آ ڪوري ڪُونواري
لَڳي جي دِل نه ڇِنبي ياري

جَڏَنهن ٿي هوءِ خُماريل نيڻ کَڻي
هَر اداءَ سان ٿي واه جو وَڻي

چَويءَ دِل پَئي ڀاڪُر ڀَرِيانس
عُمِر سَڄي لَئه پَنهنجو ڪَرِيانس

سامهُون ويهاري روز ڏِسانس
پَر ۾ ويهيءِ پيار جو پُڇانس

چَوانس هاءُ هاڻ تون ٻُڌائي
اُهو ڪَهڙو هو جادو اَلائي

جَنهن توکي بيتاب ڪَيو
نَه تو دُنيا جو حِساب ڪَيو

يا شايَد مون هو ڪو ثَواب ڪَيو
جَنهن جو مالِڪ واپَس جَواب ڪَيو

بَس رَهُه راضيءِ تون جانيءِ جَهان تي
آ رَکيل هوندو سارو حِساب آسمان تي

محمد جان زريناڻي 15.5.2003


محمد جان زريناڻي

No comments:

Post a Comment

مهرباني ڪري تبصرو ڪريو