Saturday, March 9, 2013

دل جي دانهن



دِل جي دانهن

دِل ٿي چوي توکي ڪِس ڪَيان
مِٺو موقعو نه هي مِس ڪيان
ڳِٽا تُنهنجا ڳِنهَڻ جَهڙا ماکي مِٺا تَهڙا
سِڪي سينو ڏِسَڻ سان ويندا اَرمان ڪَهڙا
پَري کان ويهي ائين نه پوتي ڇَنڊ پِرين
ويهي واٽن تي ائين قُربڙو نه وَنڊ پِرين
هاءِ تُنهنجي اداءَ شَل ڪَري خير خُدا
ٿو ساه مُنجهي مُنهنجو مونکي سيني سَما
نَڪ تُنهنجي ڦُلڙي ٿي دِل ڦُري مُنهنجي
ڪَن واري والي بالي جِگر گُهري ٿي
مان چاهيان ڀَري ڀاڪُر ۾ آ سَجني
مُنهنجي ساهُن ۾ سَما سجني
ويهي گَڏ قُرب ڪما سجني
مان تُنهنجو آهيان ڪَر پوري دِلجا سجني


شاعر __ محمد جان زريناڻي

18_5_

2003

No comments:

Post a Comment

مهرباني ڪري تبصرو ڪريو