Monday, March 11, 2013

هِڪ نَظم



ڏِسو ڏِسو هوءِ بيٺي نِهاري ٿي
نِهارَڻ سان ٿي مونکي ماري
هوءِ ٿي ڪَري مَٿي پوتي جو پاند
لَڳي آ آخر هُن کي ڪَهڙي راند
هوءِ پَنهنجا پَئي صَدورا وار ٺاهي
ڏِسي مونڏي ٻانهُن جا هار ٺاهي
هوءِ ڏِس هاڻ آرَس به ڀَڳي اَٿَس
آخِر سِڪ ڪَنهن جي ته لَڳي اَٿَس
هُن جو چَهِرو چُمَڻ جَهڙو آ
مِٺي سَندو مُنهن مَکڻ جَهڙو آ
ماکيءِ وانگُر آ مَحبوب جي بات
شَل ٿِيئِس مُحمد جان سان مُلاقات
هُن جي سيني ۾ مُنهنجو ساهُ ڀَڙڪي
جيتَرو سوچان اوتَرو ٿي دِل ڌَڙڪي
هُن کي چَئجو يار حِساب ڪَري
دُنيان دو رَنگي جو حِجاب ڪَري
ڇَڏِي نه مونکي مُحِب وِساري
هُوءِ ڏِسو اَڃا به بيٺي نِهاري

شاعر ____ محمد جان زريناڻي

No comments:

Post a Comment

مهرباني ڪري تبصرو ڪريو