Saturday, March 9, 2013

دل جو آواز

دل جو آواز!
جڏهن هوءَ جهوليون کڻي ڏيکاري پئي
هِڪ ننڍي نيٽي مونکي ماري پئي 
هَٿڙن سان هوءَ زَهَر زوري پياري پئي
سُتَل عاشق کي وري اُٿاري پئي  
جاني جي جوني جا پيا اُڀرن آثار
شَوُق مان شَباب کَڻي شوڪاري پئي
هاءِ هوءَ ڏِس آرَس پئي ڀڃي ظالم
اَڃا آسوند کي اَکين مان تِير ماري پئي
ٻانهُن ۾ چار رنگيون چوڙيون پايانس
ڏيئي مِٺي مونکي ڏيکاري ۽ هانءَ ٺاري پئي
سَندي نَڪ جي ڦُلڙيءِ لاهي پوپو پايانس
تَنهن کي پائي پوءَ مون ڏي نِهاري پئي
ٿي دل گُهري هُجانس لِپٽيل لِباس ۾
سَڏي سِڪ مان گَڏ گوڏي سُمهاري پئي
وارن ۾ به واس آ پر سَڳي وڃي دِل ۾ لڳي
ڦُوه مان هوءَ ڦُندَڻ ڦُلهَاري پئي 
سو جاني لئه جان رَک عِشق تي ايمان
بَس ٻه جِسم هُجون هِڪ جان دِل ائين پُڪاري پئي

شاعر ___ محمد جان زريناڻي
18_5_2003

سنڌي

No comments:

Post a Comment

مهرباني ڪري تبصرو ڪريو