Saturday, March 9, 2013

شاعري

تون هڪ ڀيرو ياد آيئن وري عيد تي

خوشيون ڪرڻ آباد آيئن وري عيد تي

_______________________

يادون تنهنجون روز جا نشا زندگي اسانجي

کڻي دارونءِ ڏيڻ داد آيئن وري عيد تي

_______________________

سکن نڀايو ناهي ، ڏکن ڇڏيو اجايو ناهي

غمن جا اٺ آڻي ڏيڻ امداد آيئن وري عيد تي

_______________________

عمر گزاريم ڪندي نوڪري در تنهنجي جي

توڏي منهنجو حساب آ کڻي فرياد آيئن وري عيد تي

________________________


________________________

شاعر

محمد جان زريناڻي

________________________


________________________

تاريخ

19.10.2007


شاعري


ورق ڊائيري جا

رنگ شاعري جا


قلم سان راند

عشق ڪيو قابو پلاند


روز جي اڻ تڻ

ماڻهن ۾ ڀڻ ڀڻ


هي بـ ويو ڪم کان

کاڌائين چوٽ غم کان


محبوب بـ ڪري انڪار ويئس

ڏيندو نـ قرب اقرار ويئس


کاڌو اٿس دوکو

هاڻي جيئڻ نـ هوندس سوکو


جئيي تان ڀلي جئيي

ڏسون هاڻ ڪنهن جو ٿو ٿئي


جواني جان وڃائي ويٺو

ڪوڙو قرب ڪمائي ويٺو


ڇا لکي ڇا لکان

سوچان ويٺو سنگت کان سکان


دل تـ اڃان ٻار آهي

رهندي بِـ هاڻ غمسار آهي


پڙهي ڏس جملا

لکيل محمد جان جا


خبر ويندي پئجي

جيڪي فسانا ٿيا ارمان جا




شاعر

محمد جان زريناڻي


تاريخ

سنڌي

شاعري

صنم سڏي چيو سڄي شاعري مونتي لکجانءِ

گزريل گھڙيون وسار کڻي نئين ڊائيري مونتي لکجانءِ


منهنجي حسن تي لک ، ادا تي لک ، شباب تي لکجانءِ

منهنجي ڇڪ تي لک ، سڪ تي لک ، شراب تي لکجانءِ


لکجانءِ تـ جواني جا وڻ اڀري پيا اٿس

لکجانءِ تـ باغ بدن جا گل نکري پيا اٿس


لکجانءِ تـ مونکي آرس هاڻ روز ايندي آ

لکجانءِ تـ ڪا اڻ ڄاتل خوشي محسوس ٿيندي آ


لک تـ منهنجي اکين کي ڪري مشهور لک

لک تـ منهنجي بدن جي خوشبوءِ کي ڀرپور لک


گھٽ ۾ گھٽ هيل جي ڊائيري مونتي لکجانءِ سنڌي

شاعر ... محمد جان زريناڻي

Friday, March 8, 2013

سنڌي انسٽال ڪريو

سُٺيون ڳالهيون

علم امير جي زينت ۽ غريب جي دولت هوندو آهي

__________________________

رعايت ڪندا ڪريو توهان سان به رعايت ڪئي ويندي_____________________________

ٻين جي مدد ڪريو خُدا اوهان جي مدد ڪندو

_____________________________

بيڪار آهي اُهو دوست جنهن ۾ وفا نه هجي

____________________________

پير ٿِڙڪي وڃي خير آ زبان نه ٿِڙڪي

________________________

سچو دوست اُهو آهي جيڪو مُصيبت ۾ ڪم اچي

_______________________________

سُٺو دوست الله تعالآ جو بهترين تحفو آهي

___________________________

عِلم مومن جو گُم ٿيل مال آهي جتي مِلي حاصل ڪريو

__________________________________

زبان جي ايئن حفاظت ڪريو جيئن پنهنجي مال جي حفاظت ڪندا آهيو

______________________________________

ڪجه وڃائڻ کانپوءُ به اگر توهان ۾ حوصلو آهي ته پوءِ سمجهو اوهان ڪجه به نه وڃايو آهي

____________________________________

رَستو آسان نهي هوندو رستي جا ڪنڊا چونڊڻا پوندا آهن

____________________________________


هر ماڻهو کي ايترو ئي مِلندو َآهي جيتري هو ڪوشش ڪندو آهي

_______________________________________

عِلم دِل کي ايئن زنده رکندو آهي جيئن مينهن خُشڪ زمين کي

________________________________________

سعودي عرب جو پرچم ڪڏهن بي جهڪايو نه ويندو ڇو ته اُن تي قلمه طيب لکيل آهي

________________________________________

عِزت دار ٿيڻ چاهيو ٿا ته ٻين جي عِزت ڪريو

________________________________

جيڪو صرف پنهنجي ڳالهه ٻڌائي ٻين جي هِڪ بي نه ٻڌي اُن کي ريڊيو چوندا آهن

_________________________________________









ايجادون

1_ وائرليس سيٽ مارڪوني 1896ع ۾ ايجاد ڪيو

2_ انجڻ آٽو موبل تيل بينز 1879ع ۾ ايجاد ڪيو

3_ هينڊ گِرينڊ بم ٽالٽ 1916 ع ۾ ايجاد ڪيو 

4_ پيرا شوٽ اينڊري جينڪس 1796ع ۾ ايجاد ڪيو

5_ پيانو ڪرسٽونڊي 1709ع ۾ ايجاد ڪيو

6_ فوجي ٽينڪ ڪونسوجچن 1914ع ۾ ايجاد ڪيو

7_ پِسٽل تگولٽ 1835ع ۾ ايجاد ڪيو

8_ هندستان تي مُغل سلطنت جو آغاز محمد ظهير الدين بابر وِڌو هو

9_ دنيا ۾ سڀ کان پهريان سِڪي جو رواج چين ۾ پيو

10_دنيا جي پهرين ڪِتاب 1440ع ۾ لنڊن ۾ ڇاپي ويئي

11_ دنيا سڀ کان وڌيڪ زلزلا جاپان ۾ ايندا اهن

12_ دولت مشترڪه جو بنياد 26 مئي 1931ع تي پيو

13_ رسي ڇِڪڻ وري راند ۾ هميشه پويئتي هَٽڻ وارو ڪامياب ٿيندو آهي

محبت ڇا آهي

خُدا سان ٿئي ته بندگي ٿي وڃي

والدين سان ٿئي ته عِبادت ٿي وڃي

اُستاد سان ٿئي ته روشني ٿي وڃي

پُٽ سان ٿئي ته نصيحت ٿي وڃي

ڌيءِ سان ٿئي ته رَحمت ٿي وڃي

ڀاءُ سان ٿئي ته تقويت ٿي وڃي

زال سان ٿئي ته شريڪِ سَفر ٿي وڃي

دولت سان ٿئي ته مَرض ٿي وڃي

رَستي سان ٿئي ته منزل ٿي وڃي

لفظن سان ٿئي ته شاعري ٿي وڃي 

سمجهو

جيڪو ڏک ڏي اُن کي ڇڏي ڏيو _ جنهن کي ڇڏي ڏيو اُن کي ڏُک نه ڏيو

تمام گهَڻي اوچائي تي وڃڻو آهي ته پهريان بنياد پڪو ڪريو

افسوس ڪرڻ کان بهتر آهي احتيات ڪريو

جڏهن توهان الله تي راضي آهيو ته اِهو هِڪ ثبوت آهي ته الله اوهان تي راضي آهي

ڪجه سِکو

آزمايل کي وري آزمائڻ جهالت آهي

زندگي هِڪ گُل وانگر آهي جنهن جي چيئنين طرفن کان ڪنڊا ئي ڪنڊا آهن

عِلم ۽ الله جي خَوف کان عِزت مِلندي آهي

جيڪو شخص واعدن جو پابند ناهي اُن جو ڪو بي دين نه آهي

ڪنهن کي پنهنجو ڪرڻ جي ڪوشش نه ڪريو مگر پاڻ کي اَهڙو ٺاهيو جو هوءِ اوهان کي پنهنجو ڪرڻ جي ڪوشش ڪري

تنهنجا وڌ کان وڌ دُشمَن تنهنجا بُرا دوست آهن

موت کي ياد رکڻ نفس جي سڀني بيمارين جي دوا آهي

جيڪو چڱن کي نٿو سُڃاڻي اُهو بُرن کي بي نٿو سڃاڻي

 کِلي ڳالهائڻ سُٺين عادتن کان بي سُٺي عادت آهي

رات جي انڌيري ۾ اُن جي ڳولا ڪريو جيڪو توهان کي رزق ڏيندو آهي




پاڻ سنڀالي هَلو

ڪاوڙ جي حالت ۾ ڪو بي فيصلو نه ڪريو

خوشي جي حالت ۾ ڪنهن سان واعدو نه ڪريو

عقلمند اِنسان هميشه غَم ۽ فِڪر ۾ مُبتلا رَهندو آهي

زندگي هِڪ گُل آهي ۽ مُحبت اُن جي خُشبوءُ 

اَهڙن ماڻهُن سان نه مِلو جيڪي صِرف پنهنجي مَطلب جي لاءِ توهان سان مِلندا هُجن

بدصورت چهرو بَدصوت دِماغ کان سُٺو هوندو آهي

ڏک سان روح ۾ توانائي پيئدا ٿيندي آهي

جيڪو عِلم دولت ڪَمائڻ لاءِ حاصل ڪيو ويندو آهي اُهو دِل ۾ جڳهه نه ٺاهيندو آهي   

 


سُهڻا سُخَن

عَقُل جَهڙي ڪا دولت نه آهي

جهالت جهڙي ڪا غُربت نه آهي

عِلم حاصل ڪَريو ڄَمَڻ کان وٺي مَرڻ تائين

پاڻ کان وَڌيڪ عِلم رَکندڙ کان عِلم سِکو

پاڻ کان گَهٽ عِلم رکندڙ کي عِلم سيکاريو

عِلم اُهو گُل آهي جيتَرو کُلندو اوتري خُشبوءُ ڏيندو

موتي جيڪڏهن گندگي ۾ به ڪري پوي ته موتي ئي رَهندو آهي

ماڻهُن جي اڳيان جُهڪڻ کان مايوس رَهڻ بَهتر آهي

پنهنجي دوست کي اَهڙو تُحفو ڏِيو جَنهن ۾ ٻه شَيون لازمي نظر اچن هِڪ خَلوص ۽ ٻيو ذَوق

شَمع خُد نه ٻَرندي آهي پَر ٻاري ويندي آهي

مينهن جي پَهرين ڦُڙي جي قيمَت جي خَبر تَتل صَحرا کي هوندي آهي سمنڊ کي اُن جي قَدر نه هوندي آهي

روح ئي جنت آهي ۽ روح ئي جَنهنم آهي

Thursday, March 7, 2013

عقلمندي

عقلمند اُهو آهي جيڪو ٻيئن جون نصيحتون ٻڌندو آهي

چُپ رَهڻ ڪاوڙ جو بهترين عِلاج آهي

نيڪي ڪَرڻ ۾ دير نه ڪَريو ۽ بَدلو وَٺڻ ۾ جَلدي نه ڪَريو

سياڻو ڳالهائڻ کان پَهريان سوچيندو آهي ۽ بيوقوف ڳالهائي پوءُ سوچيندو آهي

جيڪڏهن ڪامِياب ٿِيڻ چاهِيو ٿا ته هِمت نه هاريو مُسلسل مَحنت ڪندا رَهو

مصيبت جي وقت صَبر ۽ نَماز جو سَهارو وَٺو

خَراب دوستن کان هَميشه بَچو

جيڪڏهن دنيا ۾ عِزت جا طَلبگار آهيو ته پنهنجي زَبان تي قابون رَکو

ماڻهون توهان جي عئيبن جا جاسوس آهن

حُسن اُهو جيڪو لازَوال آهي

اِنسان اُهو جيڪو ٻين جا دَرد سَمجهي

شعر اُهو جيڪو ٻُڌڻ سان دِل ۾ لَهي وڃي

مُنصف اُهو جيڪو حَقيقت بيان ڪَري

عِلم اُهو جيڪو ٻين کي فائدو ڏي

موتي

اڪيلو رَهڻ وارو سَڄي عُمِر اڪيلو رَهندو آهي

جيڪو الله جي ذات لاءِ ڪري ٿو الله اُن لاءِ گهَڻو ڪجهه ڪندو آهي

سَڀ وڏو جاهِل اُهو آهي جيڪو گُناهَن کان بيخبر آهي

جدوجهدو نه ڪرڻ مُحتاجي جو سبب بڻبي آهي

پنهنجي ماءُ ۽ پيءُ جو احترام ڪريو ۽ ڀيڻن ، ڀائرن سان پيار ڪريو

دوستي هِڪ عظيم رِشتو آهي اُن جو ڀرم نه ٽوڙيو

ڪنهن جي غَلطي کي معاف ڪَرڻ به نيڪي آهي

قُرباني هميشه زنده رَکندي آهي

حق جي راه تي هَلڻ واري جو پهريون مقام توبه استغفار آهي

جنهن دِل ۾ برداشت جي هِمت هُجي اُها ڪَڏهِن شِڪست نه کائيندي آهي

اَهڙي دوستي قبول نه ڪَريو جيڪا توهان کي پنهنجن کان پَري ڪَري

ڪجهه سِکو

علم سِکو _ شَوق سان

بَحِث ڪَريو _ دليل سان

ڳالاهيو _ اِخلاق سان

عاقبت سنواريو _ عِبادت سان

خوشامندي کان بچو _ دانائي سان

دوستي رکو _ اهل علم سان

ڪاوڙ کي پِيو _ تحمُل سان

محبت نه ڪَريو _ دولت سان

تنقيد ٻُڌو _ فراخدِلي سان

تاريخ پَڙهو _ عِبرت سان

معلومات

1_ ڪيلي جي وڻ ۾ ڪاٺي نه ٿيندي آهي 

2_ آواز جي ڀيٽ ۾ روشني جي رفتار وڌيڪ هوندي آهي 

3_ بلب ۾ نائيٽروجن گئيس ڀريل هوندي آهي

4_ آنبوس جي ڪاٺي پاڻي ۾ ٻڏي ويندي آهي

5_ نِج کير ۾ به 87 فيسد پاڻي هوندو آهي

6_ ٻار گرمي ۾ جلدي وڏو ٿيندو آهي

7_ ڇهن منهينن جي ڊگهي رات اُتر قطب ۾ ٿيندي آهي