Thursday, March 7, 2013

موتي

اڪيلو رَهڻ وارو سَڄي عُمِر اڪيلو رَهندو آهي

جيڪو الله جي ذات لاءِ ڪري ٿو الله اُن لاءِ گهَڻو ڪجهه ڪندو آهي

سَڀ وڏو جاهِل اُهو آهي جيڪو گُناهَن کان بيخبر آهي

جدوجهدو نه ڪرڻ مُحتاجي جو سبب بڻبي آهي

پنهنجي ماءُ ۽ پيءُ جو احترام ڪريو ۽ ڀيڻن ، ڀائرن سان پيار ڪريو

دوستي هِڪ عظيم رِشتو آهي اُن جو ڀرم نه ٽوڙيو

ڪنهن جي غَلطي کي معاف ڪَرڻ به نيڪي آهي

قُرباني هميشه زنده رَکندي آهي

حق جي راه تي هَلڻ واري جو پهريون مقام توبه استغفار آهي

جنهن دِل ۾ برداشت جي هِمت هُجي اُها ڪَڏهِن شِڪست نه کائيندي آهي

اَهڙي دوستي قبول نه ڪَريو جيڪا توهان کي پنهنجن کان پَري ڪَري

No comments:

Post a Comment

مهرباني ڪري تبصرو ڪريو