Thursday, March 7, 2013

عقلمندي

عقلمند اُهو آهي جيڪو ٻيئن جون نصيحتون ٻڌندو آهي

چُپ رَهڻ ڪاوڙ جو بهترين عِلاج آهي

نيڪي ڪَرڻ ۾ دير نه ڪَريو ۽ بَدلو وَٺڻ ۾ جَلدي نه ڪَريو

سياڻو ڳالهائڻ کان پَهريان سوچيندو آهي ۽ بيوقوف ڳالهائي پوءُ سوچيندو آهي

جيڪڏهن ڪامِياب ٿِيڻ چاهِيو ٿا ته هِمت نه هاريو مُسلسل مَحنت ڪندا رَهو

مصيبت جي وقت صَبر ۽ نَماز جو سَهارو وَٺو

خَراب دوستن کان هَميشه بَچو

جيڪڏهن دنيا ۾ عِزت جا طَلبگار آهيو ته پنهنجي زَبان تي قابون رَکو

ماڻهون توهان جي عئيبن جا جاسوس آهن

حُسن اُهو جيڪو لازَوال آهي

اِنسان اُهو جيڪو ٻين جا دَرد سَمجهي

شعر اُهو جيڪو ٻُڌڻ سان دِل ۾ لَهي وڃي

مُنصف اُهو جيڪو حَقيقت بيان ڪَري

عِلم اُهو جيڪو ٻين کي فائدو ڏي

No comments:

Post a Comment

مهرباني ڪري تبصرو ڪريو