Friday, March 8, 2013

سُهڻا سُخَن

عَقُل جَهڙي ڪا دولت نه آهي

جهالت جهڙي ڪا غُربت نه آهي

عِلم حاصل ڪَريو ڄَمَڻ کان وٺي مَرڻ تائين

پاڻ کان وَڌيڪ عِلم رَکندڙ کان عِلم سِکو

پاڻ کان گَهٽ عِلم رکندڙ کي عِلم سيکاريو

عِلم اُهو گُل آهي جيتَرو کُلندو اوتري خُشبوءُ ڏيندو

موتي جيڪڏهن گندگي ۾ به ڪري پوي ته موتي ئي رَهندو آهي

ماڻهُن جي اڳيان جُهڪڻ کان مايوس رَهڻ بَهتر آهي

پنهنجي دوست کي اَهڙو تُحفو ڏِيو جَنهن ۾ ٻه شَيون لازمي نظر اچن هِڪ خَلوص ۽ ٻيو ذَوق

شَمع خُد نه ٻَرندي آهي پَر ٻاري ويندي آهي

مينهن جي پَهرين ڦُڙي جي قيمَت جي خَبر تَتل صَحرا کي هوندي آهي سمنڊ کي اُن جي قَدر نه هوندي آهي

روح ئي جنت آهي ۽ روح ئي جَنهنم آهي

No comments:

Post a Comment

مهرباني ڪري تبصرو ڪريو