Saturday, March 9, 2013

شاعري

صنم سڏي چيو سڄي شاعري مونتي لکجانءِ

گزريل گھڙيون وسار کڻي نئين ڊائيري مونتي لکجانءِ


منهنجي حسن تي لک ، ادا تي لک ، شباب تي لکجانءِ

منهنجي ڇڪ تي لک ، سڪ تي لک ، شراب تي لکجانءِ


لکجانءِ تـ جواني جا وڻ اڀري پيا اٿس

لکجانءِ تـ باغ بدن جا گل نکري پيا اٿس


لکجانءِ تـ مونکي آرس هاڻ روز ايندي آ

لکجانءِ تـ ڪا اڻ ڄاتل خوشي محسوس ٿيندي آ


لک تـ منهنجي اکين کي ڪري مشهور لک

لک تـ منهنجي بدن جي خوشبوءِ کي ڀرپور لک


گھٽ ۾ گھٽ هيل جي ڊائيري مونتي لکجانءِ سنڌي

شاعر ... محمد جان زريناڻي

No comments:

Post a Comment

مهرباني ڪري تبصرو ڪريو