Thursday, March 7, 2013

آزاد نظم

اڄ صبح جو ڪجهه بوندون پيون

بوندون به بهار جي برسات جون

برسات جي ڪڻي ڪَڻي ۾

هُئي محبت مَڻي

مِٺيون محبتون مِليون

مولاءِ ڪائينات جون

ڪائينات جي ڪڇ تي

سِنڌڙي سونهي

سَر سبزي جو سِج اُڀريو

راحتون مِليون رات جون

رات به سوغات آ جان

پوءُ رونقون پِرڀات جون


شاعر .... محمد جان زريناڻي 

20_2_2013


No comments:

Post a Comment

مهرباني ڪري تبصرو ڪريو