Tuesday, March 12, 2013

مالڪ جا احسان

هِڪ ماهِ لَڪا کي مان ويٺو ڏِسان

ڏِسي اُن کي پيو ليک لِکان

جيئن يادگيريون ياد رَکان

ڊائيري کولي جيئن پين کَنيم

اکڙيون ڦيري تيئن ڏِٺم

هوءُ اچي ٿي ايڏي ادا سان

ڄڻ مِلي ڪري واپس ٿي خُدا سان

سرنهن جا گل ٿي چمي ڏيکائي

بوڇڻ کڻي پئي هوا ۾ اوڏائي

پئي هٿڙا کڻي دعاون گهري

تنهن کانسوا ڀلا ڪيئن سري

ڪونج واري ڳچي ڦيرائي ويٺي

عاشقن کي هوءُ هيرائي ويٺي

رومال کي ڇنڊي گهمائي

وري چپڙن سان چمي ڏيکائي

غذب آهي هُن جي هلڻ جو انداز

اڃا وڌ مٺو ملڻ جو انداز

ان جي ناز انداز تان قربان ٿيان

هيڪر هن جي جواني جو مهمان ٿيان

ڀري ڀاڪر ۾ پوءَ ڪلام ڪيان

ان جي سونهن کي سڪ ڀريو سلام ڪيان

ويهاري هوءِ مونکي وارن جي ڇانءُ ۾

مان جاءِ ڏيان جاني کي هانءُ ۾

جيءُ ۾ ويهي مونکي جيءُ ڪري

وڃي نه ساه نڪري پريت جو پيالو پيءُ ڪري

مٺي کي پيو مٺيون ڏيان

مٺيون به مان سٺيون ڏيان

بس مان هجان هن ۾ هوءُ هجي جان

سي سڀ ڳڻجو منهنجي مالڪ جا احسان

شاعر .... محمد جان زريناڻي

تاريخ .... 25.5.2003


محمد جان زريناڻي

No comments:

Post a Comment

مهرباني ڪري تبصرو ڪريو