Tuesday, March 12, 2013

شاعري




ياد پِرين جي
...............

هڪڙو سور مونکي ستائي ٿو

ٻيو واٽن ڏي واجهائي ٿو

ڪَن ۾ چئي ڪُجهه سمجهائي ٿو

آخر توکي چاهيندي ريجهائي ٿو

ڇا پَري آهين ڪا پرستان جي

يا رحمت آهين ڪنهن انسان جي

شايد بهار آهين باغن جي

ڪا پياري ڌُن آهين سازن جي

تنهنجو بدن به موج مگن ۾

ناهي سونهن لِڪندي سُنهڻن وڳن ۾

رکي سڳي جو سينو سينگاريئي

مون ڏي ڏِس پيار مان پُڪاريئي

اکين ۾ عِشق جو خُمار تريئي ٿو

سيني جو اُڀار سونهن ڀَريئي ٿو

مونسان ملين ٿي ڇير ڇمڪائي

وڃي نه ساه توکي ڪير سمجهائي

رکي هٿ لبڙن تي جو ليئو پاتيئي

چپڙن تي آڻي چاه جو نالو چاتيئي

مٿان وري ڪيوئي اِشارو اک جو

کولي بازو ٻڌايو تو ٻک جو

تنهن کانپوءُ نروار تو هو چيو

هميشه ڪجانءَ پيار تو هو چيو

الله ڪندو گڏ ٿينداسين حياتي ڀر

مان تنهنجي ٻانهي تون منهنجو ور

اهڙو جوڙ ٺهندو جو ٽوڙي نه سگهي ڪوئي

مولا ڪندو هِڪ ٻيءَ جو ٿينداسين سگهوئي

ڏيندين جي مونکي پيار سنڀالي رک

پاڻ کي هر بار سنڀالي رک

دلين جا راض ربّ ڄاڻيندو آ

جنهن کي يقين هوندو سو مَنزلون ماڻيندو آ

شاعر ... محمد جان زريناڻي

محمد جان زريناڻي

No comments:

Post a Comment

مهرباني ڪري تبصرو ڪريو