Saturday, March 9, 2013
شاعري
تون هڪ ڀيرو ياد آيئن وري عيد تي
خوشيون ڪرڻ آباد آيئن وري عيد تي
_______________________
يادون تنهنجون روز جا نشا زندگي اسانجي
کڻي دارونءِ ڏيڻ داد آيئن وري عيد تي
_______________________
سکن نڀايو ناهي ، ڏکن ڇڏيو اجايو ناهي
غمن جا اٺ آڻي ڏيڻ امداد آيئن وري عيد تي
_______________________
عمر گزاريم ڪندي نوڪري در تنهنجي جي
توڏي منهنجو حساب آ کڻي فرياد آيئن وري عيد تي
________________________
________________________
شاعر
محمد جان زريناڻي
________________________
________________________
تاريخ
19.10.2007
شاعري
ورق ڊائيري جا
رنگ شاعري جا
قلم سان راند
عشق ڪيو قابو پلاند
روز جي اڻ تڻ
ماڻهن ۾ ڀڻ ڀڻ
هي بـ ويو ڪم کان
کاڌائين چوٽ غم کان
محبوب بـ ڪري انڪار ويئس
ڏيندو نـ قرب اقرار ويئس
کاڌو اٿس دوکو
هاڻي جيئڻ نـ هوندس سوکو
جئيي تان ڀلي جئيي
ڏسون هاڻ ڪنهن جو ٿو ٿئي
جواني جان وڃائي ويٺو
ڪوڙو قرب ڪمائي ويٺو
ڇا لکي ڇا لکان
سوچان ويٺو سنگت کان سکان
دل تـ اڃان ٻار آهي
رهندي بِـ هاڻ غمسار آهي
پڙهي ڏس جملا
لکيل محمد جان جا
خبر ويندي پئجي
جيڪي فسانا ٿيا ارمان جا
شاعر
محمد جان زريناڻي
تاريخ
سنڌي
شاعري
صنم سڏي چيو سڄي شاعري مونتي لکجانءِ
گزريل گھڙيون وسار کڻي نئين ڊائيري مونتي لکجانءِ
منهنجي حسن تي لک ، ادا تي لک ، شباب تي لکجانءِ
منهنجي ڇڪ تي لک ، سڪ تي لک ، شراب تي لکجانءِ
لکجانءِ تـ جواني جا وڻ اڀري پيا اٿس
لکجانءِ تـ باغ بدن جا گل نکري پيا اٿس
لکجانءِ تـ مونکي آرس هاڻ روز ايندي آ
لکجانءِ تـ ڪا اڻ ڄاتل خوشي محسوس ٿيندي آ
لک تـ منهنجي اکين کي ڪري مشهور لک
لک تـ منهنجي بدن جي خوشبوءِ کي ڀرپور لک
گھٽ ۾ گھٽ هيل جي ڊائيري مونتي لکجانءِ سنڌي
شاعر ... محمد جان زريناڻي
Subscribe to:
Posts (Atom)