Tuesday, April 9, 2013

اينڊروئيڊ موبائل جيڪڏهن بلاڪ ٿي وڃي ته هي طريقو استمال ڪريو


دوستن جي جوابن مان ادا محمد جان زريناڻي جو جواب ڪافي حوصلا افزا لڳو۔۔ مهرباني دوست
جي ها دوستو مون کي ڪجهه وقت نيٽ تي ڏيڻو پئجي ويو۔۔۔ جنهن کان پوءِ اڳ ئي حل ڪڍي ورتم۔۔ پر جواب موڪلڻ جو ٽائيم نه ٿي مليو۔۔۔ خير ۔۔۔ ٿي سگهي ٿو اهڙو مسئلو ڪنهن ٻئي دوست سان ڪڏهن پيش اچي ان ڪري مسئلي جو تفصيلي حل پيش ڪجي ٿو۔۔۔
سڀ کان پهريان پنهنجي فون کي بند ڪريو ۽ ان جي بيٽري کي ٻاهر ڪڍي ٻيهر لڳايو۔۔
10 سيڪنڊ انتظار ڪريو ۽ سيٽ جو هوم بٽڻ + واليوم اپ بٽڻ دٻائيندي پاور آن بٽڻ دٻايو۔۔



جڏهن اسٽارٽ اپ اسڪرين سامسنگ گليڪسي جي لوگو سان ظاهر ٿئي ته سمورن بٽڻ کي دٻائڻ ڇڏي ڏيو۔۔۔

ٿوري ئي دير ۾ توهان اڳيان اينڊروائيڊ سسٽم ريڪوري موڊ طور ظاهر ٿيندو۔۔۔ ۽ توهان اڳيان ڪجهه آپشنس ظاهر ٿيندا۔۔



واليوم اپ ۽ ڊائون ڪي ذريعي wipe data / factory reset آپشن چونڊيو ۽ هوم ڪي پريس ڪريو۔۔۔



نئين ايندڙ اسڪرين منجهان Yes – delete all user data کي سليڪٽ ڪريو ۽ هوم بٽڻ پريس ڪريو۔۔۔



هن دفعي اوهان اڳيان سسٽم کي ري بوٽ ڪرڻ لاءِ ميسيج ظاهر ٿيندو۔۔۔ جنهن کي سليڪٽ ڪري سيٽ کي ريسٽارٽ ڪريو۔۔



جنهن کان پوءِ توهان جو سيٽ ريسٽور فيڪٽري واري عمل کي مڪمل ڪندي ائين کلندو جهڙوڪ توهان پهريون دفعو آن ڪيو هجي۔۔۔

نوٽ: ياد رهي ته هن ريسٽور ڪرڻ جي عمل سان توهان طرفان انسٽال ڪيل سموريون ايپليڪيشنس ۽ فون ۾ موجود ڪانٽيڪٽس ختم ٿي ويندا ان ڪري بهتر آهي ته ريسٽور ڪرڻ کان اڳ مٿي اسان جي دوست رنجيت جي ڏسيل طريقي مطابق پهريان ڊيٽا جو بيڪ اپ ٺاهيو۔۔۔ جنهن کي بعد ۾ ريسٽور ڪري سگهبو۔۔۔

ذيشان رشيد


محمد جان زريناڻي

No comments:

Post a Comment

مهرباني ڪري تبصرو ڪريو