ڇو منهنجو عزم
ڪنهنجي ڪمال سان ڀيٽيو
منهنجي ابتدا
کي ظالم زوال سان ڀيٽيو
پير پير کڻي
مون اڃان هلڻ مس سکيو
ٿيندو وڏو ماڻهون
پنهنجي خيال سان بيٽيو
ڪتاب کڻي مان
مڪتب ڏي جو ويئس
هي مستقبل آ
ڪنهن چيو حال سان ڀيٽيو
قرب گھڻي سان
مان جو ڪاليج پهتس
سياست جو سورمون
آ چال سان ڀايٽيو
شوق مان قلم
کڻي شاعر ٿيس محمد جان
هن جو جيئڻ مشقل
آ محال سان ڀيٽيو
شاعر
محمد جان زريناڻي
دلشاداڻي 20.5.2000
محمد جان زريناڻي
No comments:
Post a Comment
مهرباني ڪري تبصرو ڪريو