جاپاني
سائنسدانن مردن جي ڀيٽ ۾ عورتن جي ڊگهي عمر جو راز دريافت ڪري ورتو..
ٽوڪيو(اي
پي پي) جاپاني سائنسدانن مردن جي ڀيٽ ۾ عورتن جي ڊگهي عمر جو راز دريافت ڪري ورتو آهي،
جاپان جي ٽوڪيو ميڊيڪل اينڊ ڊينٽل يونيورسٽي جي سائنسدانن مطابق عورتن جي ڊگهي عمر
جو راز انهن جي رت ۾ شامل آهي، عورتن جو مدافعتي نظام مردن جي ڀيٽ ۾ عمر گذرڻ سان گڏوگڏ
ڪمزور ٿيندو آهي، اهو ئي سبب آهي جو اهي مردن جي ڀيٽ ۾ سراسري طور وڌيڪ عمر ماڻينديون
آهن، سائنسدانن پنهنجي طبي اڀياس ۾ 20 کان 90 سالن جي عمر جي عورتن جي رت جي نمونن
تي تحقيق ڪئي، جنهن مان خبر پئي ته مرد ۽ عورتن ٻنهي جي رت ۾ موجود سفيد گهرڙا عمر
وڌڻ سان گڏوگڏ گهٽجڻ شروع ٿي ويندا آهن پر ڪجهه مدافعتي گهرڙا جهڙوڪ ٽي سيل ۽ بي سيل
مردن جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ تيزي سان ختم ٿيندا آهن، ساڳي ريت رت جا ڳاڙها گهرڙا به مردن ۾
عمر سان گڏوگڏ ڪمزور يا ختم ٿي ويندا آهن پر عورتن جي اڪثريت ۾ اهو عمل سست رفتاري
جو شڪار رهندو آهي
محمد جان زريناڻي
No comments:
Post a Comment
مهرباني ڪري تبصرو ڪريو