Tuesday, May 21, 2013

سکي




محمد جان زريناڻي

واه وطن سنڌ جو



سنڌ سموري سون ، سونو مَن سنڌ جو
سائين جي ايم سيد هو سچو سَن سنڌ جو
جبل ، سمنڊ ، واري جا دَڙا ،سر سبز ٻنيون
خدا قسم خوبصورت آهي توانو تَن سنڌ جو
سنڌو البيلو، ڪينجهر منڇر هڪ هڪ ٻيلو
ڇا لکي ، ڇالکَي محمد جان هي جوڀن سنڌ جو
سردي ، گرمي ، سَرو ۽ بهار سدا سنڌ ۾
هر طرف جي هوا هلي ٿي واه وطن سنڌ جو



محمد جان زريناڻي

اڄ جي ڪو بادل برسي پئي



اڄ جي ڪو بادل برسي وئي
هڪڙي ڪڪري مٿان ترسي پئي
تتي ڏينهن ۾ پيا کيڙي ۾ کامون
من رات  ڪا ماڪ سرسي پئي
اڄ جي ڪو بادل برسي پئي



محمد جان زريناڻي

ڪيل بيوفائي


تنهنجي جدائي کانپوءِ
ڪيل بيوفائي کانپوءِ


مان امير تان نـه  ٿيس ۽ نه  ڪو ٿيس غريب
۽ نـه درويش يا فقير ، آهي نـه ڳاله عجيب


پر ها جيڪو بي ڊائيري ۾ لکيو اٿم
سڀ ڪجھ تنهنجي سورن مان سکيو اٿم
ڇا اڃان بي توکي سولي سنڌي
۾ سمجھايان


پوءِ اي پرين ٻڌ “ مان بي هاڻي شاعر آهيان




محمد جان لنڊ
۲۴.۷.2007


محمد جان زريناڻي