Tuesday, April 9, 2013
اينڊروئيڊ موبائل جيڪڏهن بلاڪ ٿي وڃي ته هي طريقو استمال ڪريو
دوستن جي جوابن مان ادا محمد جان زريناڻي جو جواب ڪافي حوصلا افزا لڳو۔۔ مهرباني دوست
جي ها دوستو مون کي ڪجهه وقت نيٽ تي ڏيڻو پئجي ويو۔۔۔ جنهن کان پوءِ اڳ ئي حل ڪڍي ورتم۔۔ پر جواب موڪلڻ جو ٽائيم نه ٿي مليو۔۔۔ خير ۔۔۔ ٿي سگهي ٿو اهڙو مسئلو ڪنهن ٻئي دوست سان ڪڏهن پيش اچي ان ڪري مسئلي جو تفصيلي حل پيش ڪجي ٿو۔۔۔
سڀ کان پهريان پنهنجي فون کي بند ڪريو ۽ ان جي بيٽري کي ٻاهر ڪڍي ٻيهر لڳايو۔۔
10 سيڪنڊ انتظار ڪريو ۽ سيٽ جو هوم بٽڻ + واليوم اپ بٽڻ دٻائيندي پاور آن بٽڻ دٻايو۔۔
جڏهن اسٽارٽ اپ اسڪرين سامسنگ گليڪسي جي لوگو سان ظاهر ٿئي ته سمورن بٽڻ کي دٻائڻ ڇڏي ڏيو۔۔۔
ٿوري ئي دير ۾ توهان اڳيان اينڊروائيڊ سسٽم ريڪوري موڊ طور ظاهر ٿيندو۔۔۔ ۽ توهان اڳيان ڪجهه آپشنس ظاهر ٿيندا۔۔
واليوم اپ ۽ ڊائون ڪي ذريعي wipe data / factory reset آپشن چونڊيو ۽ هوم ڪي پريس ڪريو۔۔۔
نئين ايندڙ اسڪرين منجهان Yes – delete all user data کي سليڪٽ ڪريو ۽ هوم بٽڻ پريس ڪريو۔۔۔
هن دفعي اوهان اڳيان سسٽم کي ري بوٽ ڪرڻ لاءِ ميسيج ظاهر ٿيندو۔۔۔ جنهن کي سليڪٽ ڪري سيٽ کي ريسٽارٽ ڪريو۔۔
جنهن کان پوءِ توهان جو سيٽ ريسٽور فيڪٽري واري عمل کي مڪمل ڪندي ائين کلندو جهڙوڪ توهان پهريون دفعو آن ڪيو هجي۔۔۔
نوٽ: ياد رهي ته هن ريسٽور ڪرڻ جي عمل سان توهان طرفان انسٽال ڪيل سموريون ايپليڪيشنس ۽ فون ۾ موجود ڪانٽيڪٽس ختم ٿي ويندا ان ڪري بهتر آهي ته ريسٽور ڪرڻ کان اڳ مٿي اسان جي دوست رنجيت جي ڏسيل طريقي مطابق پهريان ڊيٽا جو بيڪ اپ ٺاهيو۔۔۔ جنهن کي بعد ۾ ريسٽور ڪري سگهبو۔۔۔
ذيشان رشيد
محمد جان زريناڻي
Saturday, March 23, 2013
واس بدن جي
محبوب جيءَ نانءُ
هڪ واس بدن جي ۽ ٻي تاس لبن جي
محسوس ڪئي باغ بدن ۾ خُشبوءَ انبن جي
تنهنجي سيني تي جا صورت سبحان الله
ايڏو اُڀار کيپ خُمار اڃا وڌ تانگهه تن جي
ڳلڙن جي ڳاڙهاڻ ۾ به ماکي جهڙو مِٺاڻ
چُمڻ چاهيون پاڻ پسائيون ڏِسي رَونق رَن جي
ڏِسي صورت ، ڪنهن به صورت منهن نه مٽبو
سندو تاب شَوق شباب سندن به خبر نه تن جي
شايد وڻ هُجان ٿئي نصيب توکي ڇانءَ جنهنجي
تڏهن ته ڪندو هان حفاظت هر هڪ پن جي
22.3.2013
محمد جان زريناڻي
Tuesday, March 12, 2013
سڄڻن جي سار
ياد آهي مونکي سارو احوال اڃا
گُذريو هوندو مَس سال اڃا
قُرب هو ٻنيءِ ٻاري ۾
۽ جوت جلي پئي جاري ۾
هِڪ مَڪيئي هُئي مڻيادار
ٻي تنهنجي بدن ۾ جا بهار
هوڏانهن سبزين سان زمين سينگاريل
هيڏانهن تون انگ انگ ۾ خُماريل
هوڏانهن چِلوِليئن جي جِهر مِر
هيڏانهن تون بلڪُل کان بيخبر
ڪي سُريليون سَهرا ڳائن پيون
ڪي نِکٽ نخرا ڏيکائن پيون
ڪير پيو تاڙي واجهائن پيون
تن کان جُدا تون هُئين جهنگ جي هير وانگيان
تنهنجون تِجليون لڳيون دل ۾ تير وانگيان
توڻين جي هونديءَ تون سُهڻي ڪنهن ميهار جي
توکي ڇِڪي ايندي سِڪ منهنجي پيار جي
انتظار اِهيو آ بس صنم
جيڪو ملائي تنهن کي جس صنم
منهنجي دل جا سارا دنگ تنهنجا آهن
اُڪريل هِن ڊائيري تي سڀ رنگ تنهنجا آهن
هي ساري خوش خطي به تنهنجي عِشق ۾
جيئري نه وِسامندي بره جي بتي به تنهنجي عِشق ۾
شاعر .. محمد جان زريناڻي .... 12.3.2013
محمد جان زريناڻي
شاعري
ياد پِرين جي
...............
هڪڙو سور مونکي ستائي ٿو
ٻيو واٽن ڏي واجهائي ٿو
ڪَن ۾ چئي ڪُجهه سمجهائي ٿو
آخر توکي چاهيندي ريجهائي ٿو
ڇا پَري آهين ڪا پرستان جي
يا رحمت آهين ڪنهن انسان جي
شايد بهار آهين باغن جي
ڪا پياري ڌُن آهين سازن جي
تنهنجو بدن به موج مگن ۾
ناهي سونهن لِڪندي سُنهڻن وڳن ۾
رکي سڳي جو سينو سينگاريئي
مون ڏي ڏِس پيار مان پُڪاريئي
اکين ۾ عِشق جو خُمار تريئي ٿو
سيني جو اُڀار سونهن ڀَريئي ٿو
مونسان ملين ٿي ڇير ڇمڪائي
وڃي نه ساه توکي ڪير سمجهائي
رکي هٿ لبڙن تي جو ليئو پاتيئي
چپڙن تي آڻي چاه جو نالو چاتيئي
مٿان وري ڪيوئي اِشارو اک جو
کولي بازو ٻڌايو تو ٻک جو
تنهن کانپوءُ نروار تو هو چيو
هميشه ڪجانءَ پيار تو هو چيو
الله ڪندو گڏ ٿينداسين حياتي ڀر
مان تنهنجي ٻانهي تون منهنجو ور
اهڙو جوڙ ٺهندو جو ٽوڙي نه سگهي ڪوئي
مولا ڪندو هِڪ ٻيءَ جو ٿينداسين سگهوئي
ڏيندين جي مونکي پيار سنڀالي رک
پاڻ کي هر بار سنڀالي رک
دلين جا راض ربّ ڄاڻيندو آ
جنهن کي يقين هوندو سو مَنزلون ماڻيندو آ
شاعر ... محمد جان زريناڻي
محمد جان زريناڻي
مالڪ جا احسان
هِڪ ماهِ لَڪا کي مان ويٺو ڏِسان
ڏِسي اُن کي پيو ليک لِکان
جيئن يادگيريون ياد رَکان
ڊائيري کولي جيئن پين کَنيم
اکڙيون ڦيري تيئن ڏِٺم
هوءُ اچي ٿي ايڏي ادا سان
ڄڻ مِلي ڪري واپس ٿي خُدا سان
سرنهن جا گل ٿي چمي ڏيکائي
بوڇڻ کڻي پئي هوا ۾ اوڏائي
پئي هٿڙا کڻي دعاون گهري
تنهن کانسوا ڀلا ڪيئن سري
ڪونج واري ڳچي ڦيرائي ويٺي
عاشقن کي هوءُ هيرائي ويٺي
رومال کي ڇنڊي گهمائي
وري چپڙن سان چمي ڏيکائي
غذب آهي هُن جي هلڻ جو انداز
اڃا وڌ مٺو ملڻ جو انداز
ان جي ناز انداز تان قربان ٿيان
هيڪر هن جي جواني جو مهمان ٿيان
ڀري ڀاڪر ۾ پوءَ ڪلام ڪيان
ان جي سونهن کي سڪ ڀريو سلام ڪيان
ويهاري هوءِ مونکي وارن جي ڇانءُ ۾
مان جاءِ ڏيان جاني کي هانءُ ۾
جيءُ ۾ ويهي مونکي جيءُ ڪري
وڃي نه ساه نڪري پريت جو پيالو پيءُ ڪري
مٺي کي پيو مٺيون ڏيان
مٺيون به مان سٺيون ڏيان
بس مان هجان هن ۾ هوءُ هجي جان
سي سڀ ڳڻجو منهنجي مالڪ جا احسان
شاعر .... محمد جان زريناڻي
تاريخ .... 25.5.2003
محمد جان زريناڻي
هِڪڙو ڪَلام
جَڏان جاني ميڏا جوان ٿيسي
آ ميڪڻ مِٺا مَهمان ٿيسي
ميڏي جِند ميڏي جان ٿيسي
پئي دِلڙي ول ول قُربان ٿيسي
ٻَهه آئيني دي اَڳو وال ڇَنڊيسي
نال ميڏي وَل حال وَنڊيسي
ميڏي مُحبت بيمِثال سَنڍيسي
روز پيا قيد ٿيوڻ دا اعلان ٿيسي
جَڏان جاني ميڏا جوان ٿيسي
سَڄڻ هي سُنهڻا گُلاب دا گُل
جِسم جاني دا ميڏي ڪائينات ڪُل
جان جاني دي پاڙي اِچ رَهسون ڄُل
نه وَڌ اِنهي ڪَنون ذاڪِر ميڏي زِبان ٿيسي
جَڏان جاني ميڏا جوان ٿيسي
مُنهن مُبارڪ مَهتاب هُوسي
سَچي مُحبت دي پاڪ ڪِتاب هوسي
هِڪ ٻي ڪون پئي چُمسون نَڪو حِساب هوسي
سَوا جاني دي نه ول ٻيا جو جَهان ٿيسي
جَڏان جاني ميڏا جوان ٿيسي
سِڪ ڪنون جو آ سيني مِلسي
مِل ميئن نل خوش ٿي کِلسي
کِل کِل پيا وَل رَلسي
ڏيکَڻ والا پيا حيران ٿيسي
جَڏان جاني ميڏا جوان ٿيسي
آ ميڪڻ مِٺا مهمان ٿيسي
ميڏي جِند ميڏي جان ٿيسي
پئي دِلڙي ول ول قُربان ٿيسي
جَڏان جاني ميڏا جوان ٿيسي
شاعر .... محمد جان زريناڻي
تارخ .... 25.3.2003
محمد جان زريناڻي
اردو شعر ترجمٿو ڪيل
پنهنجي لَئه هِڪڙي گَهڙي به ناهي گُذاري
تنهنجي لئه رَکي آ مون سنڀاري زِندگي
وَڃڻ جي هوندي آ هُن کي هَميشه تَڪَڙ
ويندي آ وِسري يَڪو ڳالهه ڪَم واري
هُن جي ڳالهڙين ۾ ئي ٿيئي ٿو ڍئو مُنهنجو
تَڏهن ته مونکي بُک بيئمان ناهي ڪَيو
اُردو شعرن جو ترجمعو ڪَيو
محمد جان زريناڻي
محمد جان زريناڻي
وڳو
ناسي وڳو
ڳاڙهو وڳو ، وڳو ته مِڙئي وَڳو
ڪَنهن
چاهه مان چئي ڏنو ، وڳو وڃي دِل ۾ لڳو
سِڪ
سَدايئن ٿي مِٺو محبوب گُهري
باقي
بَهانو آ ته ويو وڳو دِل ڦُري
تار تي
پَيل پُسيئل وَڳو سُڪي رُڳو
شاعر ...
مُحمد جان زيناڻي
تاريخ __
26.3.2003
محمد جان زريناڻي
Subscribe to:
Posts (Atom)









































































































.jpg)
.jpg)